امام ابُوحنيفه

امام ابُوحنيفه: اصل نالو نعمان بن ثابت، جيڪو پنهنجي ڪنيت ’ابوحنيفه‘ سان مشهور آهي، اسلامي دنيا جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. پاڻ جيئن ته فقه حنفيءَ جو باني هو، تنهنڪري امام حنيفه جي نالي سان عالمِ اسلام ۾ مشهور ٿيو، کيس امام اعظم به سڏيو ويو آهي. سندس نسبت ڪن ايراني نسل سان ته ڪن سنڌي نسل سان ڄاڻائي آهي. سندس والد اتي واپار ڪندو هو. سندس جنم ’ڪوفي‘ ۾ 80هه/699ع ۾ ٿيو. اول علمِ ڪلام پڙهائين، پوءِ فقه جي تعليم پنهنجي استاد حماد بن ابي سلمان کان حاصل ڪيائين. نهايت ذهين هو. سندس مسلڪ ۾ پهريائين قرآن شريف ۽ سنت هئا، پوءِ اصحابن جا اقوال، ان کان پوءِ اجتهاد. خليفي ابوجعفر منصور کيس قاضيءَ جو عهدو پيش ڪيو، جنهن کان انڪار ڪرڻ تي خليفي کيس قيد ۾ وڌو. جتي 150هه/767ع ۾ وفات ڪيائين. قيد دوران امام ابو حنيفه کان امام محمد تعليم حاصل ڪئي، جيڪو اڳتي هلي حنفي فقه جو وڏو ڄاڻو بڻيو. امام ابو حنيفه کي اهو به شرف حاصل آهي ته پاڻ قرآن پاڪ جي ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي جائزيت جي فتويٰ ڏنائين. ڪن روايتن ۾ آهي ته امام ابو حنيفه جا وڏا اصل سنڌ جا هئا، پر ان جو تصديقي حوالو نٿو ملي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0699.00.00  عيسوي

امام ابو حنيفه سندس جنم ’ ڪوفي ‘ ۾ 80هه/699ع ۾ ٿيو


0080.00.00  هجري

امام ابو حنيفه سندس جنم ’ ڪوفي ‘ ۾ 80هه/699ع ۾ ٿيو



اسلام - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شريعت
علق سورة
حبل الله
تغابن سورة
صافات سورة
سبيل
اعتڪاف
حشر سورة
امام اعظم
عَبَسَ سورة
اسلام ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون