داخلا ؛ 1750
پڙهيو ويو ؛ 1780
پسند ڪيو ويو ؛ 13
تاريخ ؛ 2012-03-03


تصويرون


Moulana-Ubadullah-Sindhi.jpg
امام انقلاب مولانا عبدالله سنڌي
امام انقلاب مولانا عبدالله سنڌي

Moulana-Ubadullah-Sindhi2.jpg
شهيد الله بخش سومرو مولانا عبدالله سنڌيءَ جي سنڌ واپسي تي آجيان ڪندي
شهيد الله بخش سومرو مولانا عبدالله سنڌيءَ جي سنڌ واپسي تي آجيان ڪندي



ٽائيم لائين

1872.03.10-A.D
امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي ، 10 مارچ 1872ع ۾ چيانوالي ، ضلعي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو

1944.08.21-A.D
امام انقلاب مولانا عبدالله سنڌي 21 آگسٽ 1944ع تي وفات ڪيائين




sindhianaسنڌيانا--امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي

ٽائيٽل ؛ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي


شاخ : شخصيت

امام انقلاب، مولانا عبيدالله سنڌي (1872-1944ع ):امام -انقلاب- مولانا عبيدالله سنڌي، 10 مارچ 1872ع ۾ چيانوالي، ضلعي سيالڪوٽ جي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. جڏهن پاڻ ڄام پور ضلعي ديري غازي ۾ اٺين جماعت پڙهندو هو، تڏهن -اسلام- کان متاثر ٿي سنڌ پهتو، -جتي- حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي -بيعت- قبول ڪري -اسلام- جي حلقي ۾ داخل ٿيو.

سنڌ ۾ ابتدائي ديني -تعليم- حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1888ع ۾ ديوبند پهچي شيخ الهند مولانا محمود الحسن کان -تعليم- حاصل ڪيائين ۽ -ان- جي هدايت تي دهليءَ ۾ مدرسة المعارف القرآنيه قائم ڪيائين. پهرين عالمگير -جنگ- جي آغاز کان پوءِ شيخ الهند جي چوڻ تي 1915ع ۾ خفيه طور ڪابل روانو ٿيو، -جتي- 7 سالن تائين وطن جي آزادي، لاءِ جا بجا رابطا ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ -افغانستان- جي -امير- -الله- خان'>-امان -الله- خان- مرحوم، هند جي برطانوي حڪومت سان -جنگ- ڪئي، جنهن بعد -افغانستان- برطانوي اثر کان آزاد ٿيو. 1922ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندو ترڪيءَ جي دوري تي ويو، ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي ته هن جي روس جي دوري دوران ڪميونسٽ اڳواڻ لينن سان ملاقات ٿي. مولانا صاحب -ترڪي- دوران 1924ع ۾ اردوءَ ۾ ۽ 1926ع ۾ انگريزيءَ ۾ پنهنجي شهره ۽ آفاق سياسي پروگرام شايع ڪيو، جنهن هند ۾ -انگريزي- سياست جو رخ بدلائي ڇڏيو، جو -ان- ۾ پهريون ڀيرو گهر ڪئي وئي هئي ته برعظيم کي قومي رياستن جي بنياد تي ورهايو وڃي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ وطن، زبان، تاريخ، -تهذيب- قومي روايتن ۽ سياسي اقتصادي مفادن جي بنيادن تي قوم جو تصور ڏنو. 1927ع ۾ پاڻ مڪي مڪرم پهتو، -جتي- 12 سال رهي، شاهه ولي -الله- دهلويءَ جي فلسفي جو گهِرو مطالعو ڪري، تعليمات ڏيندو رهيو. حضرت شيخ الهند، محمود الحسن جڏهن مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي -افغانستان- روانو ڪري پاڻ هجرت ڪري حجاز ۾ وڃي ويٺو هو، تڏهن مولانا عبيدالله سنڌيءَ کيس پنهنجي ڪار گذاري ۽ ڪابل جي حالتن کان واقف ڪرڻ لاءِ 6 -جولاءِ- 1916ع تي هڪ مخفي پر تفصيلي خط ڦڪي رنگ جي ريشمي رومال تي لکي، هڪ ملتاني مهاجر شيخ عبدالحق کي ڏنو ته هو حيدرآباد سنڌ جي نامياري نو مسلم، شيخ عبدالرحيم کي وڃي پهچائي. جنهن ۾ شيخ عبدالرحيم کي حڪم موڪليو ويو ته هو اهو رومالي خط پاڻ کڻي مڪي شريف ۾ مولانا محمود الحسن جي خدمت ۾ پيش ڪري. (ياد رهي ته شيخ عبدالرحيم حيدرآباد جي معزز خاندان جي فرد -آچاريه- جيوت ڪرپلاڻيءَ جو وڏو -ڀاءُ- هو، جيڪو -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- جو صدر بڻيو ۽ سندس صدارت واري زماني ۾ هندستان آزاد ٿيو). شيخ عبدالحق ملتاني حيدرآباد ويندي رستي ۾ پنهنجي ڳوٺ ملتان رهي پيو ۽ امانت ۾ خيانت ڪندي اهو رومالي خط ربنواز نالي هڪ موقعي پرست شخص کي ڏئي ڇڏيائين، جنهن هڪدم اهو قيمتي تحفو -انگريز- حڪومت کي پهچائي پنهنجي لاءِ -انعام- طور زمين ۽ عبدالحق لاءِ پوليس ۾ نوڪري حاصل ڪئي. انگريزن ۾ ٻڙڌول مچي ويو ۽ افغان حڪومت کي حڪم ڪيو ويو ته مولانا ۽ سندس ساٿين کي جيل ۾ وڌو وڃي. افغان حڪومت جي غير همدردانه ۽ -انگريز- دوست پاليسيءَ سبب مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي -امير- حبيب -الله- جي پوئين زماني ۾ حوالات ۾ رکيو ويو.

سنڌ ۾ سرڪار پاران ريشمي رومال تحريڪ کي ريشمي خط واري سازش (Silken letter conspiracy) قرار ڏئي مولانا عبيدالله لغاري ۽ ٻين ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو. خود حجاز ۾ شيخ الهند کي نظربند ڪيو ويو. ڪابل ۾ مولانا جي رهائش جا پويان ٻه سال ڏاڍا ڏکيا گذريا، سندن بعد ۾ ترڪي، روس ۽ سعودي عرب وارو سفر -ان- پس منظر ۾ گذريو.

12 سالن جي جلاوطنيءَ کان پوءِ مولانا عبيدالله سنڌي واپس ڪراچيءَ، سنڌ پهتو، -جتي- -ان- وقت جي وزيراعظم شهيد الهه بخش سومري سندس شاندار استقبال ڪيو. وطن واپسيءَ بعد، شاهه ولي -الله- جي فلسفي جي -تشريح- ۽ هدايت ڪندو رهيو. -ان- فلسفي جي تدريس لاءِ ’بيت الحڪمت‘ قائم ڪيائين، -بيت- الحڪمت لاهور 1940ع ۾ قائم ٿيو ۽ 15 مارچ 1944ع تي شاهه ولي -الله- جي فلسفي جي -اشاعت- لاءِ ’ولي -الله- سوسائٽي لاهور‘ جو بنياد وڌائين. انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ڌيءَ وٽ دين پور تعلقي خانپور (رحيم يار خان)آيو ۽ اتي بيمار ٿي پيو ۽ 21 -آگسٽ- 1944ع تي وفات ڪيائين. کيس دين پور ۾ دفن ڪيو ويو. ڪن سوانح نگارن جي راءِ آهي ته -ان- زماني ۾ مولانا کي ڪن -انگريز- حمايتين ڳجهي نموني زهر ڏنو هو، جنهنڪري پاڻ بيماريءَ وگهي وفات ڪيائين. مولانا جي تصفنيفات ۾ ”التمهيد في ائمة التجديد“، ”شاهه ولي -الله- ۽ -ان- جي سياسي تحريڪ“، ”شاهه ولي -الله- ۽ -ان- جو فلسفئه محموديه“،”خطبات“، ”اردو شرح حجة -الله- البالغه“ جلد اول، ”مبحث -اول- و دوئم“، ”سلسله -تفسير- قرآن“ وغيره. -ان- کان علاوه اڪثر مقالا امالي جي صورت ۾ قلم -بند- ڪرايائين، جيڪي ولي -الله- سوسائٽي -پاڪستان- لاهور وٽ محفوظ آهن .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن