امام انقلاب مولانا عبدالله سنڌي

امام انقلاب مولانا عبدالله سنڌي

شهيد الله بخش سومرو مولانا عبدالله سنڌيءَ جي سنڌ واپسي تي آجيان ڪندي

شهيد الله بخش سومرو مولانا عبدالله سنڌيءَ جي سنڌ واپسي تي آجيان ڪندي

امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي

امام انقلاب، مولانا عبيدالله سنڌي (1872-1944ع ):امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي، 10 مارچ 1872ع ۾ چيانوالي، ضلعي سيالڪوٽ جي هڪ سک گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. جڏهن پاڻ ڄام پور ضلعي ديري غازي ۾ اٺين جماعت پڙهندو هو، تڏهن اسلام کان متاثر ٿي سنڌ پهتو، جتي حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي بيعت قبول ڪري اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿيو. سنڌ ۾ ابتدائي ديني تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1888ع ۾ ديوبند پهچي شيخ الهند مولانا محمود الحسن کان تعليم حاصل ڪيائين ۽ ان جي هدايت تي دهليءَ ۾ مدرسة المعارف القرآنيه قائم ڪيائين. پهرين عالمگير جنگ جي آغاز کان پوءِ شيخ الهند جي چوڻ تي 1915ع ۾ خفيه طور ڪابل روانو ٿيو، جتي 7 سالن تائين وطن جي آزادي، لاءِ جا بجا رابطا ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان جي امير الله خان'>امان الله خان مرحوم، هند جي برطانوي حڪومت سان جنگ ڪئي، جنهن بعد افغانستان برطانوي اثر کان آزاد ٿيو. 1922ع ۾ پاڻ ماسڪو مان ٿيندو ترڪيءَ جي دوري تي ويو، ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي ته هن جي روس جي دوري دوران ڪميونسٽ اڳواڻ لينن سان ملاقات ٿي. مولانا صاحب ترڪي دوران 1924ع ۾ اردوءَ ۾ ۽ 1926ع ۾ انگريزيءَ ۾ پنهنجي شهره ۽ آفاق سياسي پروگرام شايع ڪيو، جنهن هند ۾ انگريزي سياست جو رخ بدلائي ڇڏيو، جو ان ۾ پهريون ڀيرو گهر ڪئي وئي هئي ته برعظيم کي قومي رياستن جي بنياد تي ورهايو وڃي. مولانا عبيدالله سنڌيءَ وطن، زبان، تاريخ، تهذيب قومي روايتن ۽ سياسي اقتصادي مفادن جي بنيادن تي قوم جو تصور ڏنو. 1927ع ۾ پاڻ مڪي مڪرم پهتو، جتي 12 سال رهي، شاهه ولي الله دهلويءَ جي فلسفي جو گهِرو مطالعو ڪري، تعليمات ڏيندو رهيو. حضرت شيخ الهند، محمود الحسن جڏهن مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي افغانستان روانو ڪري پاڻ هجرت ڪري حجاز ۾ وڃي ويٺو هو، تڏهن مولانا عبيدالله سنڌيءَ کيس پنهنجي ڪار گذاري ۽ ڪابل جي حالتن کان واقف ڪرڻ لاءِ 6 جولاءِ 1916ع تي هڪ مخفي پر تفصيلي خط ڦڪي رنگ جي ريشمي رومال تي لکي، هڪ ملتاني مهاجر شيخ عبدالحق کي ڏنو ته هو حيدرآباد سنڌ جي نامياري نو مسلم، شيخ عبدالرحيم کي وڃي پهچائي. جنهن ۾ شيخ عبدالرحيم کي حڪم موڪليو ويو ته هو اهو رومالي خط پاڻ کڻي مڪي شريف ۾ مولانا محمود الحسن جي خدمت ۾ پيش ڪري. (ياد رهي ته شيخ عبدالرحيم حيدرآباد جي معزز خاندان جي فرد آچاريه جيوت ڪرپلاڻيءَ جو وڏو ڀاءُ هو، جيڪو انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جو صدر بڻيو ۽ سندس صدارت واري زماني ۾ هندستان آزاد ٿيو). شيخ عبدالحق ملتاني حيدرآباد ويندي رستي ۾ پنهنجي ڳوٺ ملتان رهي پيو ۽ امانت ۾ خيانت ڪندي اهو رومالي خط ربنواز نالي هڪ موقعي پرست شخص کي ڏئي ڇڏيائين، جنهن هڪدم اهو قيمتي تحفو انگريز حڪومت کي پهچائي پنهنجي لاءِ انعام طور زمين ۽ عبدالحق لاءِ پوليس ۾ نوڪري حاصل ڪئي. انگريزن ۾ ٻڙڌول مچي ويو ۽ افغان حڪومت کي حڪم ڪيو ويو ته مولانا ۽ سندس ساٿين کي جيل ۾ وڌو وڃي. افغان حڪومت جي غير همدردانه ۽ انگريز دوست پاليسيءَ سبب مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي امير حبيب الله جي پوئين زماني ۾ حوالات ۾ رکيو ويو. سنڌ ۾ سرڪار پاران ريشمي رومال تحريڪ کي ريشمي خط واري سازش (Silken letter conspiracy) قرار ڏئي مولانا عبيدالله لغاري ۽ ٻين ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو. خود حجاز ۾ شيخ الهند کي نظربند ڪيو ويو. ڪابل ۾ مولانا جي رهائش جا پويان ٻه سال ڏاڍا ڏکيا گذريا، سندن بعد ۾ ترڪي، روس ۽ سعودي عرب وارو سفر ان پس منظر ۾ گذريو. 25 سالن جي جلاوطنيءَ کان پوءِ مولانا عبيدالله سنڌي 7 جون 1939ع تي سامونڊي جهاز المدينه ۾ واپس ڪراچيءَ، سنڌ پهتو، جتي ان وقت جي وزيراعظم شهيد الهه بخش سومري سندس شاندار استقبال ڪيو. وطن واپسيءَ بعد، شاهه ولي الله جي فلسفي جي تشريح ۽ هدايت ڪندو رهيو. ان فلسفي جي تدريس لاءِ ’بيت الحڪمت‘ قائم ڪيائين، بيت الحڪمت لاهور 1940ع ۾ قائم ٿيو ۽ 15 مارچ 1944ع تي شاهه ولي الله جي فلسفي جي اشاعت لاءِ ’ولي الله سوسائٽي لاهور‘ جو بنياد وڌائين. انهن ڏينهن ۾ پنهنجي ڌيءَ وٽ دين پور تعلقي خانپور (رحيم يار خان)آيو ۽ اتي بيمار ٿي پيو ۽ 21 آگسٽ 1944ع تي وفات ڪيائين. کيس دين پور ۾ دفن ڪيو ويو. ڪن سوانح نگارن جي راءِ آهي ته ان زماني ۾ مولانا کي ڪن انگريز حمايتين ڳجهي نموني زهر ڏنو هو، جنهنڪري پاڻ بيماريءَ وگهي وفات ڪيائين. مولانا جي تصفنيفات ۾ ”التمهيد في ائمة التجديد“، ”الله ۽ ان جي سياسي تحريڪ'>شاهه ولي الله ۽ ان جي سياسي تحريڪ“، ”شاهه ولي الله ۽ ان جو فلسفئه محموديه“،”خطبات“، ”اردو شرح حجة الله البالغه“ جلد اول، ”مبحث اول و دوئم“، ”سلسله تفسير قرآن“ وغيره. ان کان علاوه اڪثر مقالا امالي جي صورت ۾ قلم بند ڪرايائين، جيڪي ولي الله سوسائٽي پاڪستان لاهور وٽ محفوظ آهن .


لفظ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1872.03.10  عيسوي

امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي ، 10 مارچ 1872ع ۾ چيانوالي ، ضلعي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو


1944.08.21  عيسوي

امام انقلاب مولانا عبدالله سنڌي 21 آگسٽ 1944ع تي وفات ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽراٽسڪي
حڪيم پير عبدالحليم ثاني
شورو ڄام خان
شفيع محمد نظاماڻي
عبدالوهاب ناظم طيباڻي
شير محمد خان بجاراڻي
راهوجو محبوب رڪ
راڻي لاڏي
الف خان ترين خانبهادر
عطاءُ الله جان سرهندي پير
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون