داخلا نمبر 1759
عنوان امام بخاري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 692 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
امام بخاريءَ جو مقبرو

امام بخاريءَ جو مقبرو

امام بخاري

امام بخاري رحه: سندس پورو نالو محمد بن اسماعيل ابو عبدالله الجوفي هو. هو 194هه/810ع ڌاري بخارا ۾ پيدا ٿيو. اڃا 17 سالن جي عمر جو هو ته ماءُ سان گڏ حج ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويو، جتي علم پرائڻ لاءِ رهي پيو. 18 سالن جي ڄمار ۾ ڪتاب ”قضاياءِ صحابه وتابعين“ لکيائين. کيس تاريخ ۽ حديث سان ڏاڍو لڳاءُ هو. ان اڃ اجهائڻ لاءِ مديني پاڪ ويو. پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي مقبري وٽ ويهي ”تاريخ ڪبير“ لکيائين. سندس وڏو ڪم ۽ وڏو مقصد حديثون گڏ ڪرڻ هو، ان لاءِ ڪيترن ئي هنڌن جو سفر ڪيائين. اٽڪل اسي هزار اهڙن ماڻهن سان مليو، جن وٽ حديثون هيون. ذري گهٽ ڇهه لک حديثون گڏ ڪيائين، جن مان ڪي مستند هيون ته ڪي غير مستند. انهيءَ ڪم کان واندو ٿيو ته حديث نگاريءَ جو اهم ڪتاب لکڻ ويٺو. ان ۾ ڇهه هزار حديثون لکيائين ۽ اهو ڪتاب پوريءَ دنيا ۾ ”صحيح بخاريءَ“ جي نالي سان مشهور آهي.
امام بخاري ”صحيح بخاري“ لکڻ ۾ 18 سال لڳايا. هيءُ ڪتاب اسلامي دنيا ۾ تمام گهڻي عزت سان پڙهيو وڃي ٿو. صحيح بخاريءَ کان سواءِ پاڻ ادب ۽ فقہ وغيره تي اٽڪل 12 ڪتاب ٻيا به لکيائين. 256هه/870ع ۾ وفات ڪري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0810.00.00  عيسوي

امام بخاري رحه 810ع ڌاري بخارا ۾ پيدا ٿيو


0870.00.00  عيسوي

امام بخاري رحه 870ع ۾ وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون