داخلا ؛ 1816
پڙهيو ويو ؛ 417
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-03-05


تصويرون


Imam-Bux-Sabir.jpg
امام بخش صابر
امام بخش صابر



ٽائيم لائين

1881.07.25-A.D
خانبهادر حاجي امام بخش خان 25 جولاءِ 1881ع تي موري جي ڳوٺ مَلڪ ۾ ڄائو

1938.11.07-A.D
خانبهادر حاجي امام بخش خان 7 نومبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--امام بخش صابر

ٽائيٽل ؛ امام بخش صابر


شاخ : شخصيت

امام بخش ”صابر“: مرحوم خانبهادر حاجي -امام- بخش خان عرف شاهنواز خان جتوئي، 15 رجب 1299هه/25 -جولاءِ- 1881ع تي تعلقي موري جي ڳوٺ ”مَلڪ“ ۾ ڄائو. خانبهادر غلام رسول خان سندس والد هو. 1891ع ۾ پنهنجي ڳوٺ جتوئيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو. ساڳئي سال اسڪول ڇڏي، پنهنجي خانگي مقرر ڪيل -استاد- قاضي عبدالرئوف وٽ قرآن پاڪ، فارسي ۽ عربيءَ جي -تعليم- ورتائين. 1897ع ۾ ٻيهر ساڳئي اسڪول ۾، ٽئين درجي ۾ داخل ٿيو. خانبهادر -امام- بخش خان ’صابر‘ جتوئيءَ رئيس علودي خان جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي. طب جي علم سان دلچسپي هئس، صوفي طبع ۽ راڳ جو شوقين هو. فقيرن سان ڳائڻ وڄائڻ ۾ شامل ٿي ويندو هو.
ميرن جي صاحبيءَ ۾، پورالي درياهه جي پائڻ سبب اباڻي ڳوٺ ڪچي کي الوداع ڪري، ڪوهه ٻن جي مفاصلي تي عارضي طور ڳوٺ -ٻڌي- ويٺو. جنهن بعد -ٽن- هنڌن تي لڏپلاڻ کان پوءِ، ضلعي دادوءَ کي ڇڏي، نوشهري فيروز جي ديهه، ”فريد ديري جاگير“ ۾ ”جتوئي“ نالي ڳوٺ -ٻڌي- ويٺو. 1930ع ڌاري درياهه جي پائڻ سبب ”جتوئي ڳوٺ“ به تباهه ٿي ويو، جنهن کان پوءِ -ان- ڳوٺ جي ڏکڻ-اوڀر طرف ڳوٺ -ٻڌي- ويٺو، جنهن جو نالو ”نوان جتوئي“ رکيائين. -انگريز- سرڪار پاران، 1912ع ۾ کيس ”خانصاحب“ ۽ 1926ع ۾ ”خانبهادر“ جو خطاب مليو. 1916ع کان 1938ع تائين تعلقي موري جو فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ رهيو. -ان- وچ ۾ 1920ع کان 1932ع تائين -بمبئي- ڪائونسل ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ ٿي رهيو. 1933ع کان 1936ع تائين ضلعي نوابشاهه ۾ ضلعي لوڪل بورڊ نوابشاهه جو صدر چونڊيو. پنهنجي -ان- دؤر ۾ خانصاحب تعليمي حوالي سان وڏا ڪم ڪيا.
خانبهادر حاجي -امام- بخش، بهترين شاعر پڻ هو ۽ شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ”صابر“ رکيائين. فارسي زبان تي عبور هئڻ ڪري، سندس شاعريءَ ۾ فارسيءَ جو اثر نمايان آهي، کيس ڪافيءَ تي عبور حاصل هو. سنڌيءَ کان سواءِ سرائڪيءَ ۾ پڻ ڪلام چيائين. سندس ڪلام جو مجموعو ””سُخن صابر“ 1987ع ۾ ڇپيو، جيڪو مومن پبليڪيشن طرفان، سندس ٻئي نمبر پوٽي غلام مجتبيٰ خان جتوئيءَ جي سهڪار سان ڇپيو. -ان- جو ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس ڪلام کي ڪيترن ئي مقامي فنڪارن پڻ ڳايو آهي. 14 رمضان المبارڪ 1357هه/7 نومبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار نوان جتوئيءَ ڀرسان ديهه دلو شاهه جي مُقام ”صابر شاهه“ ۾ آهي.
امام بخش ”صابر“ تي محمد احسن چنا، ايم. اي سنڌيءَ جو مونوگراف پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي نگرانيءَ ۾ 62-1960ع دوران پڻ لکيو هو، ’صابر‘ جا ڪلام مشهور فنڪارن -استاد- -انور- الدين جتوئيءَ ۽ عثمان فقير ۽ ٻين ڳايا آهن .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -امام بخش صابر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

امام بخش صابر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن