داخلا نمبر 1813
عنوان امام بخش شاهه فدوي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 199 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

امام بخش شاهه فدوي

امام بخش شاهه ”فدوي“: امام بخش شاهه ”فدوي“ ٺٽي جي رضوي ساداتن مان هو. 1822ع ۾ سندس ولادت ۽ 1888ع ۾ سندس وفات ٿي. وڏو عالم ۽ بزرگ هو. مهدوي عقيدي جو هو. ٺٽي ۾ پنهنجو مدرسو قائم ڪيو هئائين، جتي پاڻ درس ڏيندو هو. مير مرتضائي ٺٽويءَ جو ڀائٽيو ۽ شاگرد هو. شاعر به هو. مرثيا، منقبت ۽ غزل چيا اٿس. هڪ مثنوي ”يوسف زليخا“ به لکي اٿس. سندس واسطو مڪليءَ جي مشهور اولياء سيد محمد يوسف جي خاندان سان هو. سندس پيءُ جو نالو روشن شاهه هو. امام بخش شاهه فدوي جوانيءَ جي ڏهاڙن ۾ تپيدار هو. هو جهرڪ ۽ گهوڙاٻاري، وغيره ۾ نوڪريءَ سانگي رهيو. 1876ع ۾ نوڪري ڇڏيائين. هن جا سنڌ جي مشهور شخصيت غلام محمد شاهه ”گدا“ سان گهرا لاڳاپا هئا ۽ هو سدائين حيدرآباد ۾ ساڻس ملندو هو.
ڊاڪٽر اياز قادري پنهنجي ڪتاب ”سنڌي غزل جي اوسر“ جي ٻئي ڀاڱي ۾ لکي ٿو ته ”فدوي پنهنجي دؤر جو نه صرف شاعر هو، پر ٺٽي جو پهريون شاعر آهي، جنهن ڄاڻي واڻي سنڌي شاعريءَ ڏانهن وک وڌائي.“ امام بخش شاهه فدويءَ جو سنڌيءَ ۾ ديوان پڻ موجود آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1822.00.00  عيسوي

امام بخش فدوي: 1822ع ۾ سندس ولادت ۽ 1888ع ۾ سندس وفات ٿي


1888.00.00  عيسوي

امام بخش فدوي: 1822ع ۾ سندس ولادت ۽ 1888ع ۾ سندس وفات ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون