داخلا نمبر 1817
عنوان امام بخش گهرياڻي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 117 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

امام بخش گهرياڻي

امام بخش گهرياڻي: امام بخش گهرياڻي دادوءَ جو مشهور ۽ معروف وڪيل سال 1945ع ڌاري ڳوٺ شاهه حسن ۾ ڄائو. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ دادوءَ اچي سيشن ڪورٽ ۾ ڪلارڪ ڀرتي ٿيو. نوڪريءَ دوران ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ پوءِ وڪالت ڪرڻ لڳو. هي پيپلز پارٽيءَ جي باني ميمبرن مان هو، هو پيپلز پارٽي دادو سٽيءَ جو پهريون جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. مشهور وڪيل ۽ سماجي ڪارڪن آسن داس جو وڪالت ۾ اسسٽنٽ هو. جڏهن آسن داس هندوستان ويو ته ڪچهري روڊ واري آفيس سندس حوالي ڪري ويو. امام بخش يارن جو يار، هڏ ڏوکي ۽ قومي جذبا رکندڙ، تاريخ ۽ ادب سان پيار ڪندڙ شخص هو. تاج صحرائي ۽ استاد بخاري سميت ٻيا به دادوءَ جا اديب شاعر ۽ ادب دوست شام جو روز سندس آفيس تي ڪچهري لاءِ ڪٺا ٿيندا هئا. هن ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، جنهنڪري ڪيترا ڀيرا جيل به ڀوڳيائين. محترمه بينظير جي پوئين دور ۾ کيس پبلڪ اڪاٽونس ڪميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. استاد بخاري اڪيڊميءَ جو ميمبر هو. عمر جو آخري حصو بيماري ۾ رهندي سال 2009ع ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.00.00  عيسوي

امام بخش گهرياڻي 1945ع ڌاري ڳوٺ شاهه حسن ۾ ڄائو


2009.00.00  عيسوي

امام بخش گهرياڻي 2009ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون