داخلا نمبر 1819
عنوان امام ترمذي
شاخ عالم
پڙهيو ويو 249 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

امام ترمذي

امام ترمذي (محدث ):206هه/821ع ۾ ايران جي ’بوغ‘ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. محدث امام ترمذيءَ جو نالو فقہ جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن جو اصل نالو محمد بن عيسيٰ بن سوده بن موسيٰ بن ضحاڪ هو ۽ سندس ڪنيت ابوعيسيٰ هئي. ترمذ ۾ رهائش سبب ترمذي مشهور ٿيو.
امام ترمذي، امام بخاريءَ جو شاگرد هو. بعد ۾ امام مسلم، امام ابودائود ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن ۽ استادن کان علمي استفادو حاصل ڪيائين. حديث جي طلب ۾ ڪيترن ئي علمي مرڪزن جو سفر ڪيائين ۽ حديثن جو هڪ مجموعو مرتب ڪيائين، جيڪو ”جامع ترمذيءَ“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ حديث جي ڇهن مستند ڪتابن: ”صحاح سته“ ۾ شامل آهي. جامع ترمذيءَ کان علاوه هن ”شمائل ترمذي“ به لکيو. ”جامع ترمذيءَ“ جون 17 شرحون آهن ۽ ”شمائل ترمذي“ جون 14 يا 15 شرحون آهن.
امام ترمذيءَ جي باري ۾ اها به روايت آهي ته پاڻ پيدائشي نابين هو. ٻيءَ روايت موجب، خدا جي خوف جي ڪري مسلسل روئڻ سبب نابين ٿي ويو هو. 17 رجب 279هه/13 آڪٽوبر 892ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0821.00.00  عيسوي

امام ترمذي ( محدث ) : 206هه/821ع ۾ -ايران- جي ’ بوغ ‘ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو . محدث -امام- ترمذيءَ جو نالو فقہ جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو . هن


0206.00.00  هجري

امام ترمذي ( محدث ) : 206هه/821ع ۾ -ايران- جي ’ بوغ ‘ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو . محدث -امام- ترمذيءَ جو نالو فقہ جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿئي ٿو . هن



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اصطخرِي
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
آخوند الله بخش ڀٽي سيتائي
آخوند مولانا ڇٽو ڀٽي سيتائي
آچاريا شنڪر
الياس عطار قادري
ابڙو احمد
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون