داخلا ؛ 1833
پڙهيو ويو ؛ 359
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-06


تصويرون




ٽائيم لائين

0003.09.15-Hijree
حضرت امام حسن المجتبيٰ عليه السلام 15 رمضان 3 هه ( 625ع ) تي مديني ۾ پيدا ٿيو

0625.00.00-A.D


0050.02.28-Hijree
حضرت امام حسن المجتبيٰ عليه السلام کي 28 صفر 50هه ( 670ع ) تي زهر ڏياري شهيد ڪيو ويو

0670.00.00-A.D





sindhianaسنڌيانا--امام حسن عليه السلام

ٽائيٽل ؛ امام حسن عليه السلام


شاخ : امام

امام حسن عليه السلام: حضرت -امام- حسن المجتبيٰ عليه السلام،حضرت علي عليه السلام ۽ بيبي فاطمة الزهرا جو فرزند ۽ حضرت محمد صلي -الله- عليه وسلم -جن- جو ڏهٽو 15 رمضان 3 هه (625ع) تي مديني ۾ پيدا ٿيو. سندس ولادت تي حضور صلي -الله- عليه وسلم، حضرت علي عليه السلام ۽ بيبي فاطمة الزهرا جي گهر آيو ۽ مولود جو نالو ”حسن“ رکيائون. پاڻ سڳورن کي -امام- حسن سان غير معمولي محبت هئي ۽ پاڻ هر روز پنهنجي ڏهٽي کي ڏسڻ لاءِ ويندا هئا. حضور صلي -الله- عليه وسلم -جن- -امام حسن عليه السلام- جي وڏن نازن سان پرورش ڪئي. اٺن سالن جا ٿيا ته حضور صلعم -جن- جو وصال ٿي ويو. پاڻ عرب جي وڏن بهادرن ۾ ڳڻيا ويندا هئا ۽ پنهنجي والد حضرت علي سان گڏ -جنگ- جمل، -جنگ- صفين ۽ -جنگ- نهروان ۾ شامل رهيا.

حضرت علي عليه السلام جي 21 رمضان 40 هه (661ع) تي شهادت کان پوءِ -امام- حسن مديني اچي رهيا ۽ پنهنجي باقي زندگي عبادت ۾ گذاريائون. آخرڪار وڏي سازش تحت کين 28 صفر 50هه (670ع) تي زهر ڏياري شهيد ڪيو ويو ۽ سندن جنازي تي -تير- پڻ هلرايا ويا. سندن -تدفين- -جنت- البقيعه ۾ ٿي.

امام حسن عليه السلام صورت و سيرت ۾ آنحضور صلي -الله- عليه وسلم جي مشابهه هئا. پاڻ هميشه عبادت الاهيءَ ۾ مصروف هوندا هئا. پاڻ عظيم الشان سلطنت کي محض انساني جانين کي خون خرابي کان بچائڻ خاطر ڇڏي ڏنو هئائون. پاڻ وڏا فياض هئا ۽ ٻين جي فياضي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيندا هئا. حضور اڪرم صلي -الله- عليه وسلم هڪ موقعي تي ارشاد فرمايو ته، ”حسن کي منهنجو علم ۽ منهنجي صورت ملي آهي“. -اهل- تشيعه حضرات جو پهريون امام، حضرت علي عليه السلام ۽ ٻيو -امام- حضرت حسن عليه السلام آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -امام حسن عليه السلام- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

امام حسن عليه السلام - مان نڪتل ٻيون شاخون-


امام - موضوع جون ٻيون داخلائون-
امام حسن عليه السلام
امام حسين عليه السلام
امام زين العابدين عليه السلام
تقي عليه السلام امام
جعفر صادق عليه السلام امام


.....امام موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن