داخلا جي تاريخ 2012-03-06
داخلا نمبر 1834
عنوان امام حسين عليه السلام
شاخ امام
پڙهيو ويو 323 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
حضرت امام حسين عليه السلام جو مقبرو

حضرت امام حسين عليه السلام جو مقبرو

امام حسين عليه السلام

امام حسين عليه السلام: حضرت امام حسين عليه السلام، حضرت علي ۽ بيبي فاطمه جو فرزند ۽ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جو ڏهٽو 3 شعبان 4 هه مطابق 8 جنوري 626ع تي پيدا ٿيو، امامت جي سلسلي ۾ ٽيون نمبر امام آهن. امام حسين جي ڪنيت ابو عبدالله، سيد شباب اهل الجنة ۽ لقب سيد الشهداء آهي. امام حسين جي ولادت کان پوءِ حضور صلي الله عليه وسلم خوشيءَ مان حضرت علي عليه اسلام ۽ بيبي فاطمه جي گهر آيا ۽ مولود جي ڪنن ۾ اذان ۽ اقامت ڏئي، سندس نالو ”حسين“ رکيائون. امام حسين عليه السلام، حضور جن جي سايه شفقت ۾ پليا. ننڍپڻ واري دور ۾ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جو امام حسين سان گهڻو پيار ۽ محبت هئي ۽ اهڙا گهڻائي واقعا ملن ٿا، جن مان ثابت ٿئي ٿو. پاڻ سڳورا امام حسين سان غير معمولي محبت ۽ شفقت ڪندا هئا. امام جن اڃا مس ستن سالن جا هئا ته حضور صلعم جن جي سايه شفقت کان محروم ٿي ويا.
حضرت علي عليه السلام جي دور خلافت ۾ پاڻ بلڪل جوان ٿي چڪا هئا ۽ پنهنجي والد سان گڏ جنگ جمل، جنگ صفين ۽ جنگ نهروان ۾ شامل رهيا. تاريخ گواهه آهي ته ڪمسنيءَ جي دور ۾ پهرين 11هه ۾ پنهنجي ناني حضور صلي الله عليه وسلم ۽ ماءُ بيبي فاطمه جي جدائيءَ جو داغ برداشت ڪيائون ۽ 40هه ۾ پنهنجي والد حضرت علي عليه السلام ۽ 50هه ۾ پنهنجي ڀاءُ امام حسن عليه السلام جي جدائيءَ جو صدمو برداشت ڪيائون.
پاڻ قرآن جو مطلب ۽ حديثون اڪثر فرمائيندا هئا. عبادت، رياضت، ڪثرت سان نفل پڙهڻ ۽ دين محمديءَ جو پيغام پهچائڻ سندن دستور هو. اڪثر روزي ۾ رهندا هئا، ڪافي حج ۽ عمره ڪيائون. ميدان ڪربلا ۾ سندن شهادت واري واقعي تي وڏن وڏن عالمن ۽ مورخين بيشمار ڪتاب لکيا آهن.
امام حسين عليه السلام، اسلام جو ارتقائي زمانو پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. اسلامي تاريخ جا سڀئي واقعا سندن اکين آڏو هئا. 56هه (675ع) ۾ جڏهن حالات تمام گهڻا بگڙي ويا ۽ يزيد کي ولي عهد نامزد ڪيو ويو، تڏهن پاڻ يزيد جي وڏي مخالفت ڪيائون. ان مخالفت تي حڪومت شام کان جواب طلبي ٿي، جنهن جي جواب ۾ امام حسين عليه السلام حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ پنهنجي خيالات کي بيان ڪندي يزيد جي ولي عهد واري حيثيت کي ناجائز قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيائون ۽ بيعت طلب ڪرڻ تي امام حسين عليه السلام بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو. معاملا سنگين ٿيندا ويا، تان جو ڪربلا جو واقعو پيش آيو. يزيد جي حڪم تي امام حسين عليه السلام کي 10 محرم 60هه مطابق 10 آڪٽوبر 680ع تي پنهنجي مائٽن ۽ انصارن سميت ڪربلا ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس تربت ڪربلا معليٰ ۾ آهي. (وڌيڪ ڏسو: ’ڪربلا جو واقعو‘ )


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0004.08.03  هجري

حضرت امام حسين عليه السلام 3 شعبان 4 هه مطابق 8 جنوري 626ع تي پيدا ٿيو


0626.01.08  عيسوي


0060.01.10  هجري

امام حسين عليه السلام کي 10 محرم 60هه مطابق 10 آڪٽوبر 680ع تي شهيد ڪيو ويو


0680.10.10  عيسوي



امام - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام حسن عليه السلام
امام حسين عليه السلام
امام زين العابدين عليه السلام
امام ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون