داخلا جي تاريخ 2012-03-06
داخلا نمبر 1837
عنوان امام زين العابدين عليه السلام
شاخ امام
پڙهيو ويو 257 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

امام زين العابدين عليه السلام

امام زين العابدين عليه السلام:حضرت امام علي زين العابدين عليه السلام، حضرت امام حسين عليه اسلام جو فرزندِ ارجمند ۽ چوٿون امام 38 هه / 658ع ۾ پيدا ٿيو. واقعي ڪربلا (60 هه / 680ع) ۾ حضرت امام حسين عليه اسلام پنهنجي عزيز و اقارب ۽ اصحابن سان گڏ شهيد ٿي ويو ۽ اهلبيت عصمت و طهارت سان گڏ صرف امام علي بن الحسين عليه السلام بچيو. هن واقعي کانپوءِ سڄي عمر مديني ۾ رهائش اختيار ڪيائين. پاڻ وڏو عالم، زاهد، عابد، شجاع ۽ متقي پرهيزگار هو. پاڻ خدا جي عبادت ۾ ايڏو ته مشغول هوندا هئا جو کين ”سيد الساجدين“ (يعني سجدي ڪندڙن جو سردار) ۽ ”زين العابدين“ (يعني عبادت ڪندڙن جي زينت) جا القاب ڏنا ويا. امام زين العابدين عليه السلام جون لاتعداد تصنيفون آهن، جن ۾ سڀ کان مشهور ”صحيفئه ڪامله“ لاجواب دعائن ۽ تعقيبات جو شاهڪار ڪتاب آهي. جنهن کي ”صحيفهءِ سجاديه“ به چيو وڃي ٿو، ان کان سواءِ استخاري لاءِ اڪثر عالم امام صاحب جو ”استخاره سجاديه“ جهڙو لاجواب ڪتاب استعمال ڪندا آهن. امام زين العابدين عليه السلام کي ڪربلا جي واقعي کانپوءِ وري وقت جي ظالم حاڪم حجاج بن يوسف گرفتار ڪرايو. امام عليه السلام جن 95 هه / 714ع ۾ رحلت ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0038.00.00  هجري

حضرت امام علي زين العابدين عليه السلام 38 هه / 658ع ۾ پيدا ٿيو


0658.00.00  عيسوي


0095.00.00  هجري

امام زين العابدين عليه السلام جن 95 هه / 714ع ۾ رحلت ڪئي


0741.00.00  عيسوي



امام - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام حسن عليه السلام
امام حسين عليه السلام
امام زين العابدين عليه السلام
امام ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون