امام ضامن

امام ضامن: امام موسيٰ رضا جو لقب. امام ضامن جو رپيو، ويساهه وارا، امام ضامن جي نالي تي باسي تعويذ طور ٻانهن ۾ ٻڌندا آهن، اهو سِڪو يا رپيو مسافر جي سلامتيءَ سان سفر پوري ڪرڻ جي سوڻ طور ٻانهن ۾ ٻڌجي ٿو، جيئن انهيءَ جو امام موسيٰ رضا، ضامن هجي. جڏهن مسافر سفر تان واپس آيو، تڏهن اهو سڪو يا رپيو ڪنهن مستحق کي خيرات ۾ ڏيئي ڇڏبو آهي يا ڪنهن خير جي ڪم تي لڳائبو آهي. اها رسم فقط شيعن ۾ آهي.


لفظ امام ضامنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو