داخلا ؛ 1846
پڙهيو ويو ؛ 589
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-03-06


تصويرون


Imam-Ghazali.jpg
امام غزالي رحه
امام غزالي رحه



ٽائيم لائين

0450.00.00-Hijree
امام غزالي رحه ’ طوس ‘ شهر جي هڪ ڳوٺ طبران ۾ 450 هه/1058ع ۾ ڄائو

1058.00.00-A.D


0505.00.00-Hijree
امام غزالي رحه جمادي الآخر 505هه/ 1111ع ۾ وفات ڪيائين

1111.00.00-A.D





sindhianaسنڌيانا--امام غزالي رحه

ٽائيٽل ؛ امام غزالي رحه


شاخ : عالم

امام غزالي رحه: سندس نالو ”محمد“ ۽ ”حجت الاسلام“ لقب هو. پاڻ خراسان جي پرڳڻي جي ’طوس‘ شهر جي هڪ ڳوٺ طبران ۾ 450 هه/1058ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ سُٽ ڪتڻ ۽ وڪڻڻ جو ڪم ڪندو هو، جنهنڪري پاڻ ’غزاليءَ‘ جي نالي سان مشهور ٿيو.
امام غزاليءَ جي پيءُ جو نالو به ”محمد“ هو، تنهن پنهنجي وفات کان -ٿورو- اڳ کيس ۽ سندس -ڀاءُ- ننڍي”احمد“ کي -تعليم- ڏيارڻ خاطر پنهنجي هڪ دوست جي حوالي ڪيو، جنهن کيس هڪ مدرسي ۾ داخل ڪرايو، -جتي- فقہ جي ابتدائي -تعليم- بعد ’جرجان‘ ۾ وڃي ابونصر اسماعيليءَ وٽ علم جي تحصيل ڪيائين. -امام- غزاليءَ جو علمي مايو انهيءَ حد کي پهتو، جو معمولي عالم سندس اُڃ اُجهائي نه سگهيا. انهن ڏينهن ۾ نيشاپور ۽ -بغداد- جا مدرسا سڀ کان گهڻو مشهور هوندا هئا، جو اتي -امام- الحرمين عبدالملڪ ۽ علامه ابواسحاق شيرازي -تعليم- ڏيندا هئا، تنهنڪري پاڻ نيشاپور وڃي -امام- الحرمين جي نگرانيءَ هيٺ -تعليم- مڪمل ڪيائين.
امام الحرمين جي وفات کان پوءِ سندس علمي مقام ڏسي، سلجوقي وزير نظام الملڪ کيس -بغداد- ۾ پنهنجي قائم ڪيل مدرسه نظاميه ۾ صدر مقرر ڪيو. هن عهدي تي فائز ٿيڻ ڪري سندس علم ۽ ڏاهپ جو چرچو عام ٿيو ۽ سڀ وزير -امير- سندس آڏو جهڪي ويا.
ان وقت -بغداد- سڀني مذهبن ۽ مذهبي فرقن جو ڳڙهه هو، -جتي- سُني، شيعا، معتزله، زنديق، مجوسي ۽ عيسائي آزاديءَ سان پنهنجن فرقن جو پرچار ڪندا هئا. -امام- غزالي، هر فرقي ۽ مذهب جي غور سان مطالعي ڪرڻ بعد، انهيءَ نتيجي تي پهتو ته -تصوف- جي راهه سڀ کان ڀلي آهي، ڇوته -ان- ۾ علم کان وڌيڪ عمل جي ضرورت آهي، جيڪو زهد ۽ رياضت جو ٻيو نالو آهي. جڏهن پنهنجي درس تدريس ۽ ٻئي ڪاروبار تي غور ڪيائين ته انهن سڀني ۾ کيس جاه پرستي نظر آئي، تنهنڪري گهڻي ڪشمڪش کان پوءِ انهن سڀني سان لاڳاپا ٽوڙي، -بغداد- کي خيرباد چئي، شام ڏانهن روانو ٿيو، مگر اتي به علم جي پياس کيس نه ڇڏيو ۽ درس ڏيڻ تي مجبور ڪيو. هتي به سندس تعريف ٿيڻ لڳي، جنهن کي پڻ غرور ۽ تڪبر جي جڙ سمجهي، -بيت المقدس- طرف رُخ کيائين. -ان- کان پوءِ مڪي شريف ويو، -جتي- حج ڪرڻ کان پوءِ دمشق جي -جامع مسجد- جي مناري اندر اڪيلو ويهي مجاهدي ۽ رياضت ۾ مشغول رهيو.
سندس خلوت وارو عرصو ڏهن سالن جو رهيو. ڏهن سالن جي رياضت ۾ اونداهيءَ جا مڙئي پردا هٽائي پري ڪيائين ۽ شين جون اصلي حقيقتون سندس اڳيان کلي ظاهر ٿي پيون. ڏٺائين ته دنيا مذهب کان منحرف ٿي رهي آهي ۽ عقل ۽ فلسفي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي مذهب جي پٺيان ڪاهي پيا آهن، تنهنڪري وقت جي -تقاضا- اها آهي ته گوشه نشيني ڇڏي، تبليغ جو ڪم -جاري- ڪيو وڃي. هوڏانهن وري درس تدريس جي ڪم کي -جاري- رکڻ لاءِ سلطان طرفان کيس تاڪيدي حڪم پهتو. آخر نيشاپور ۾ اچي اهو ڪم ٻيهر شروع ڪيائين، مگر اتان به -ٿوري- عرصي گذرڻ بعد پنهنجي ڳوٺ طوس موٽي آيو، -جتي- جمادي الآخر 505هه/ 1111ع ۾ وفات ڪيائين. سندس هيٺيون تصنيفون مشهور آهن:
’المنقذ من الضلال‘، ۾ پنهنجي ذهني حالت ۽ حقيقت پٺيان جدوجهد جي شرح بيان ڪئي اٿس. فلسفي ۾ سندس ٻيو ڪتاب ’تهافت الفلاسفہ‘ آهي، جنهن ۾ يوناني ۽ اسلامي فيلسفوفن کي رد ڏنو اٿس. منطق ۾ ’معيارالنظر‘ ۽ اخلاق ۾ ’ميزان العمل‘ ڪتاب اٿس، ليڪن سندس ناميارو ۽ وڏو ڪتاب ’احياءِ علوم الدين‘ آهي، جنهن ۾ مسلمانن جي ڇوٽڪاري جا رستا ٻڌايا اٿس ۽ عقيدن جي حقيقت کولي سمجهائڻ سان گڏ معاملات ۽ عبادات کي مفصل طور بيان ڪيو اٿس. -تصوف- ۽ اخلاق ۾ سندس -تصنيف- ’ڪيميائي سعادت‘ گهڻي مشهور آهي. جنهن جو سنڌيءَ ۾ به ترجمو پروفيسر غلام حسين خاصخيليءَ ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي. انهن ڪتاب کان سواءِ سندس ٻيا به اسي کن ڪتاب آهن، جيڪي پنهنجي نوع ۾ بينظير آهن .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -امام غزالي رحه- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

امام غزالي رحه - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن