داخلا نمبر 1850
عنوان امام مسعود سنڌي
شاخ عالم
پڙهيو ويو 216 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

امام مسعود سنڌي

امام مسعود سنڌي: امام مسعود بن شيبہ بن الحسين السندي، لقب عماد الدين حنفي، ستين صدي هجريءَ جو سنڌي بزرگ، علم ۽ فضل ۾ عالمي شهرت رکندڙ هو. هي دنيا جو اهو پهريون عالم هو، جنهن ”امام الحرمين جويني“ ۽ امام غزالي رحه جي ”الغيث“ ۽ ”مقدمہ التعليم“ جو رد لکيو. هن جي سوانح معلوم نه ٿي سگهي آهي، البت سندس دؤر، تاتارين وارو دؤر ليکجي ٿو.
هن جي ڪتاب جا قلمي نسخا الجزائر، مديني منوره، استنبول ۽ مصر ۾ موجود آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو