داخلا ؛ 4310
پڙهيو ويو ؛ 745
پسند ڪيو ويو ؛ 3
تاريخ ؛ 2012-08-15


تصويرون




ٽائيم لائين

00.00.1710-A.D
ميان يار محمد ڪلهوڙي 1122هه / 1710ع ۾ سيد حسين اصفهاني کي وڏي بيدرديءَ سان شهيد ڪرايو.




sindhianaسنڌيانا--امتياز خان حسين اصفهاني خالص

ٽائيٽل ؛ امتياز خان حسين اصفهاني خالص


شاخ : عالم

امتياز خان حسين اصفهاني ’خالص ‘:سيد امتياز خان اصفهاني ’خالص‘ پنهنجي دور جو وڏو عالم، فاضل ۽ شاعر هو. هن کي ميان يار محمد (خدا يار خان) ڪلهوڙي شهيد ڪرائي، سندس مال و اسباب پاڻ کنيو. امتياز خان جو اصل نالو سيد حسين شاهه هو ۽ هو اصفهان جو رهاڪو هو. -اورنگزيب عالمگير- جي زماني ۾ هندستان ۾ آيو ۽ گهڻو وقت دکن ۾ گذاريائين. هن کي امتياز خان جو خطاب عالمگير طرفان عطا ٿيو. عالمگير -بادشاهه- هن کي عظيم -آباد- صوفيءَ جي عدالت تي مقرر ڪيو هو. شاهه عالم -بهادر- شاهه -اول- جي دور ۾ پنهنجي لکين رپين جي مال سان گڏ -ايران- روانو ٿيو.هن جي علمي قابليت کان متاثر ٿي گجرات جي نواب پنهنجي نياڻيءَ جي شادي امتياز خان سان ڪرائي. ’مفتاح التواريخ‘ ۽ ’عماد السعادت‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته:
”سيد حسين مير بوعلي نالي مشهد جي عالم جو فرزند هو، جيڪو هندستان آيو.“ -بنگال- جو نواب سيد قاسم علي خان (مير قاسم) امتياز خان جو پوٽو هو.
امتياز خان جي شهادت بابت ”مثرالڪرام“ ۾ مير غلام علي -آزاد بلگرامي- ڄاڻائي ٿو ته: ”سيد حسين امتياز خان اصفهاني جو تخلص ’خالص‘ هو، هو هندستان کان -ايران- وڃي رهيو هو، جڏهن سيوستان پهتو ته سنڌ جي زميندار ميان خدايار خان 1122هه / 1710ع ۾ -ان- کي شهيد ڪرائي -ان- جي لکن جي مال تي قبضو ڪيو، -ان- کان پوءِ خدايار خان علامه عبدالجليل بلگراميءَ کي پيغام موڪليو ته هي واقعو جهڙي طرح پيش آيو آهي، تهڙيءَ طرح سوانح ۾ بيان نه ڪيو وڃي. -ان- لاءِ ٻه هزار سونيون اشرفيون علامه جي خدمت ۾ پيش ڪيائين، جيڪي چوڏهن هزار رپين جي برابر ٿين ٿيون. علامه عبدالجليل ميان يار محمد خان جي هن پيشڪش کي رد ڪري ڇڏيو ۽ جيڪا حقيقت هئي -ان- کي قلمبند ڪيائين.“ مير عبدالجليل امتياز خان جي شهادت جي ماده -تاريخ- هينئن ڪڍي آهي:
”آه آه امتياز خان“
1122هه
ميان يار محمد ڪلهوڙو 1122هه / 1710ع ۾ سيد حسين اصفهاني کي وڏي بيدرديءَ سان شهيد ڪرائي، -ان- جي مال ملڪيت تي قابض ٿيو ۽ 1130هه / 1718ع ۾ نامور صوفي بزرگ شاهه عنايت شهيد ۽ -ان- جي فقيرن کي پڻ وڏي بيرحميءَ سان قتل ڪرائڻ واري سازش ۾ برابر جو شريڪ هو. امتياز خان خالص جا شعر نهايت دلچسپ آهن، غزلن جي ديوان کان سواءِ مرثيه، سلام، قطعه تاريخون ۽ هڪ مثنوي پڻ آهي. سندس هڪ شعر ڏجي ٿو:
شاعري کو همه دم مدح و ثنامي گويد
روز شب نيک و -بد- شاه و گدامي گويد
گاهه گر مدح کندگاهه هجامي گويد
اين همه از پئي آنست که زر مخواهد.
(ترجمو: شاعر جيڪو مدح و ثنا ڪندو رهي ٿو، شاهه و گدا کي ڏينهن رات سٺو خراب چوندو ڦري ٿو. ڪڏهن ڪنهن جي واکاڻ ڪري ٿو ته ڪڏهن ڪنهن جي گلا ڪري ٿو، اهو سڀ انڪري ته کيس پئسا ۽ مال گهرجي.)




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرئين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -امتياز خان حسين اصفهاني خالص- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

امتياز خان حسين اصفهاني خالص - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن