داخلا نمبر 1892
عنوان امجد شاهه جيلاني
شاخ سياستدان
پڙهيو ويو 422 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
امجد شاهه جيلاني

امجد شاهه جيلاني

امجد شاهه جيلاني

امجد شاهه جيلاني: سنڌ جي برگزيده شخصيت ۽ نامور سياستدان، پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ جو فرزند سيد امجد شاهه جيلاني، 20 سيپٽمبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين سينٽ بونا وينچر هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهيو. بي. اي مڪينيڪل، مهراڻ يونيورسٽي ڄام شوري مان 1973ع ۾ ڪيائين.
امجد شاهه جيلاني، زرعي مشينريءَ ۾ 1975ع کان 1977ع تائين ٽي سال انجنيئر رهيو، ان کان پوءِ جڏهن پير علي محمد راشدي صاحب، اطلاعات کاتي ۾ وزيراعظم جو مشير هو ته 1975ع کان 1977ع تائين سندس اسٽاف آفيسر رهيو. ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ ۾ پنهنجي والد ۽ وڏي ڀاءُ پير آفتاب حسين شاهه جيلانيءَ جي اثر هيٺ ابتدا کان شامل رهيو 1989ع ۾ پ. پ. پ جي صوبائي ڪائونسل جو ميمبر رهيو. 1990ع ۾ سنڌ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. 1993ع ۾ پڻ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جو صوبائي وزير رهيو. 1996ع ۾ زراعت کاتي جو صوبائي وزير ٿيو. 1997ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. امجد شاهه جيلاني، ادب ۽ موسيقيءَ جو خاص شوقين آهي. 2008ع جي چونڊن ۾ حيدرآباد تعلقي جي ٻهراڙيءَ واري تڪ مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، هن وقت تعليم، قانون ۽ انساني حقن بابت سنڌ اسيمبليءَ جي ڪميٽين جو ميمبر آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.09.20  عيسوي

سيد امجد شاهه جيلاني ، 20 سيپٽمبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون