داخلا نمبر 1902
عنوان امداد سومرو
شاخ صحافي
پڙهيو ويو 257 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
امداد سومرو

امداد سومرو

امداد سومرو

امداد سومرو: نامور صحافي ۽ ڪالم نگار امداد سومرو 14- ڊسمبر 1970ع تي پنهنجي آبائي ڳوٺ سيتا وليج ، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو . سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم . اي سوشيالاجي 2007ع ۾ ڪيائين . هن روزاني ڪاوش ، روزاني خلق ، روزاني سنڌ ۽ روزاني عبرت ۾ ايڊيٽوريل صفحي جي انچارج ۽ سنڊي ايڊيشن جي انچارج طور هڪ وڏي عرصي کان ڪم ڪيو آهي . ان کان سواءِ هن جا مسلسل ڪالم ، فيچر ۽ شاعري ڇپجندي رهي آهي . سنڌ ٽي . وي ۾ ڊاڪيومينٽريز جو ڊائريڪٽر رهيو آهي ۽ ڪيترا پروفائيل پيش ڪري ۽ مختلف عوامي مسئلن تي رپورٽنگ ڪندو رهيو آهي . هن وقت روزاني عبرت ۾ ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج آهي . ان کان سواءِ ڊان ۽ نيوز لائين ۾ فري لانس صحافيءَ طور 2003ع کان لکندو پيو اچي ۽ هن وقت پريس ڪلب حيدرآباد جو خزانچي پڻ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.12.14  عيسوي

امداد سومرو 14- ڊسمبر 1970ع تي سيتا وليج ، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسلم اڪبر قاضي
اسلم خواجا
اشتياق اظهر
اعجاز حسين مهر
اعجاز عليم عقيلي
اعجاز منگي
الطاف حسين قريشي
برڪاتي مسعود احمد
الياس شاڪر
امداد سومرو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون