امداد محمد شاهه

امداد محمد شاهه

امداد محمد شاهه

امداد محمد شاهه: سيد امداد محمد شاهه، سنڌ جي قديم تاريخي شهر ”سن“ جي سيد حيدر شاهه سنائيءَ جي خاندان جو چشم چراغ آهي. هن، سنڌ جي بزرگ سياستدان ۽ قومي رهبر سائين جي. ايم. سيد جي گهر ۾، 30 سيپٽمبر 1935ع تي سومر جي ڏينهن جنم ورتو. امداد محمد شاهه ابتدائي سنڌيءَ جا ٽي درجا سن جي پرائمري اسڪول مان پاس ڪيا، جنهن کان پوءِ کيس ڪراچيءَ جي گرامر اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي 1948ع تائين پڙهندو رهيو. هندستان جي ورهاڱي سبب لڏي آيل مسلمانن کي ڪراچيءَ جي اسڪولن ۾ رهايو ويو ۽ اسڪول بند ڪيا ويا، ان ڪري پاڻ ڳوٺ موٽي آيو. جڏهن واپس ڪراچي گرامر اسڪول ۾ ويو، ته دير سان پهچڻ سبب سندس داخلا رد ڪئي وئي. ان کان پوءِ کيس سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان 54- 1953ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڊي. جي سائنس ڪاليج ۾ داخل ٿيو. سندس ارادو انٽر سائنس ڪري، ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ جو هو، پر اها خواهش گهرو حالتن سبب پوري ٿي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس وڏو ڀاءُ امير حيدرشاهه اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن هليو ويو ۽ سندس والد جي ايم سيد کي ون يونٽ جي مخالفت سبب جيل ۾ بند ڪيو ويو، ان ڪري کيس تعليم سان گڏ گهرو ذميواريون سنڀالڻيون پئجي ويون. بي. ايس. سي جو امتحان پاس ڪري ڳوٺ ”سن“ اچي زمينداري سنڀاليائين. بعد ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي، 1965ع ۾، امتيازي حيثيت سان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. امداد محمد شاهه کي پنهنجي اباڻي زمينداري حصي مان زمين جو حصو تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مليو، ان ڪري اُتي رهڻ سبب، سنڌ جي مشهور قومي ڪارڪن قاضي فيض محمد ايڊيوڪيٽ سان گڏجي نوابشاهه ۾ وڪالت ڪيائين.
امداد محمد شاهه، تعليمي ميدان ۾ ڪافي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن 1956ع ۾ سن ۾ مڊل اسڪول کولرايو ۽ ٻهراڙيءَ جي شاگردن لاءِ مفت رهائش ۽ کاڌي پيتي جي انتظام لاءِ شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪئي. 1979ع ۾ ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جي ميمبر چونڊجڻ بعد، تعلقي سڪرنڊ جي ٻهراڙيءَ ۾، تعليم جي ترقيءَ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري، تعلقي ۾ ڪيترائي پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول قائم ڪرايائين. خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اسڪول کولايائين. سڪرنڊ شهر ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ سائنس ڌار ڌار ڪاليج کولرايائين. قاضي احمد جي هاءِ اسڪول کي هاير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ڏياريائين.
امداد محمد شاهه، 1985ع ۽ 1988ع ۾ ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ اڪيلي مخالف ڌر جي ميمبر جي حيثيت ۾، سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريائين. هو ڪيترين ئي تعليمي سوسائٽين جو باني، چيئرمئن ۽ ميمبر رهيو آهي. جهڙوڪ شاهه حيدر ايڊيوڪيشنل سوسائٽي سن، محمد هاشم ٺٽوي ايڊيوڪيشنل سوسائٽي، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ طرفان قائم ڪيل قائداعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇني ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ جو ميمبر وغيره. شاهه صاحب، نوابشاهه ضلعي، تعلقي سڪرنڊ ۽ تعلقي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، اسڪول، اسپتالون، موريون ٺهرايون. ڊرينيج سسٽم ۽ رستا ٺهرايا. اهوئي سبب هو، جو هو جڏهن به پنهنجي سڪرنڊ واري تڪ مان چونڊن ۾ بيٺو ته سندس مقابلي ۾ ڪنهن به پارٽيءَ جو اميدوار کٽي نه سگهيو.
شاهه صاحب سياسي طرح عوامي ليگ جو ميمبر رهيو ۽ ڪجهه وقت ’پونم‘ جي پليٽفارم تان سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن جي قومي حقن لاءِ جدوجهد ۾ به سرگرم رهيو. شاهه صاحب جي انٽرويوز تي مشتمل هڪ ڪتاب ”زندگي کليل ڪتاب“، مارئي اڪيڊميءَ سڪرنڊ پاران 1999ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس وفات 29 سيپٽمبر 2004ع تي ٿي. کيس ڳوٺ مجيد ڪيريي ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس نالي پويان هڪ فلاحي ادارو ”امداد فائونڊيشن“ 2007ع کان ڪم ڪري پيو .


لفظ امداد محمد شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.09.30  عيسوي

امداد محمد شاهه 30 سيپٽمبر 1935ع تي جنم ورتو


2004.09.29  عيسوي

امداد محمد شاهه 29 سيپٽمبر 2004ع تي گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آرمسٽرانگ نيل
دولت شاهه امير
ايشوريا راءِ
ارنيسٽ ٽرمپ
ڀٽي دوست محمد
شفيع لاهوري مولانا
راجا رام موهن راءِ
آذر زوبي
للت دبي
حسين هارون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون