داخلا نمبر 1939
عنوان امر جليل
شاخ اديب
پڙهيو ويو 2037 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ناميارو اديب امر جليل

ناميارو اديب امر جليل

امر جليل

امرجليل: سنڌي ٻوليءَ جو مشهور ڪهاڻيڪار، نثر نويس، ڪالم نگار ۽ ٽي ويءَ جو ڊرامانگار، امرجليل 8 نومبر 1936ع تي سنڌ جي مشهور شهر روهڙيءَ ۾ ڄائو. سندس اصل نالو عبدالجليل ولد عبدالغني قاضي آهي. پاڻ ابتدائي تعليم، ڪراچيءَ جي رتن تلاءُ پرائمري اسڪول مان ورتائين. وڌيڪ بي. اي. تائين تعليم نوابشاهه مان ورتائين. پوءِ ٻيهر ڪراچي آيو ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ ايم. اي ڪيائين. ان کان سواءِ ايم. اي هسٽري به آهي. ان دوران هن ڪرڪيٽ راند ۾ به نالو ڪڍيو. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيمن جو ڪپتان رهيو. سنڌ جو ناميارو مصور ظفر ڪاظمي ۽ امرجليل ڪراچيءَ ۾ گڏ ڪرڪيٽ کيڏندا هئا.
هن کي ننڍپڻ کان ئي لکڻ جو چاهه هو. 1956ع ۾ سندس پهرين ڪهاڻي ”اندرا“ جي عنوان سان نوابشاهه مان نڪرندڙ سنڌي رسالي ”ادا“ ۾ ڇپي. 1963ع ۾ سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ”انسان“، ”نئشنل ٿيئٽر، ڪراچيءَ ۾ پيش ڪيو ويو. هن جو ريڊيو لاءِ لکيل پهريون ڊرامو ”درياءُ توتي دانهن“ 1967ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ڪيو ويو. 1968ع ۾ هن جي پهرين لکيل فلم ڪهاڻي ”نوري ڄام تماچي“ هئي. ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“ جي عنوان سان سندس پهريون اخباري ڪالم 4 مئي 1972ع تي روزاني هلال پاڪستان ۾ ڇپيو. ساڳئي نالي سان سندس ڪالمن جو مجموعو پڻ ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سندس ڪالمن جو ٻيو مجموعو ”سنڌو منهنجي ساهه ۾“ پڻ ڇپيل آهي. سندس اردوءَ ۾ پهريون ڪالم ”ڪڇ سچ ڪڇ جهوٽ“ اپريل 1974ع ۾ هفتيوار ”الفتح“ ۾ ڇپيو. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”دل جي دنيا“ آهي، جيڪو پهريون دفعو 1968ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جا ڪيترا ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. اهو ڪتاب ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿيو آهي. امر جليل کي ان ڪتاب تي ادبي انعام به مليل آهي. سندس ڪهاڻين جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾ (1) ”دل جي دنيا“، (2) ”تاريخ جو ڪفن“، (3) ”جڏهن مان نه هوندس“، (4) ”ٽيون وجود“، (5) ”منهنجو ڏس آسمان کان پڇو“، (6) ”رني ڪوٽ جو خزانو“، (7) ”جيجل منهنجي ماءُ“، (8) ”امر جليل جون اوائلي ڪهاڻيون“ (9) ”چنڊ وسامي ويو“ وغيره ذڪر لائق آهن. هر مجموعي جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا اٿس. هن جي ناول ”نيٺ گونگي ڳالهايو“ اشاعت ۽ وڪري جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، جنهن جون 10 هزار کان وڌيڪ ڪاپيون وڪرو ٿيون. امرجليل جي تحرير جو اسلوب بيان نهايت دلڪش ۽ بي مثال آهي. “ امرجليل پنهنجين تخليقن جي سلسلي ۾ ڪيترائي انعام ۽ اعزاز حاصل ڪري چڪو آهي. پاڻ گهڻو ڪري سنڌ جي پيرن، زميندارن ۽ وڏيرن کي پنهنجي قلم سان نشانو بڻائيندو رهيو آهي. ماضيءَ ۾ پنهنجي انقلابي تحريرن سبب اڪثر ڪري حڪومت جي نظر ۾ معتوب رهيو آهي. امر جليل جو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جي ملازمت ڇڏڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، جتي پاڻ ريجنل مئنيجر هو. مشهور ’سهڻي‘ رسالو سندس ڪهاڻي ”سرد لاش جو سفر“ ڇپجڻ سبب، پابنديءَ هيٺ رهيو. سختين هوندي به امر لکڻ نه ڇڏيو. هو اڄ به لکندو رهي ٿو. ٽي ويءَ تان سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڊراما پڻ چڱي خاصي مقدار ۾ پيش ٿي چڪا اٿس. 27 سالن تائين اسلام آباد ۾ رهيو، جتي علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ جي ”انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشنل ٽيڪنالاجيءَ“ جو باني ڊائريڪٽر رهيو. پاڻ ڪجهه وقت لاءِ انهيءَ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به رهي چڪو آهي. امرجليل اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ايڊيوڪيشنل ٽيڪنالاجيءَ جو وڏو ماهر آهي. امر پاڻ کي ”اروڙ جو مست“ سڏائيندو آهي ۽ دوستن جي وڏي حلقي ۾ انهيءَ لقب سان مشهور آهي. انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ مسلسل ڪالم لکندو رهيو آهي. هڪ مختصر عرصي لاءِ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو، سال 1997ع ۾ چيئرمئن به رهيو. اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر پڻ رهيو آهي، کيس سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ”لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ“ ڏنو ويو آهي. ويجهڙائي ۾ شاهه لطيف چيئر پاران سندس مڃتا ۾ وڏي تقريب ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي اڪثر ادارن کيس مڃتا شيلڊون ڏنيون. سندس ڪهاڻين جو هڪ انگريزي ڪتاب انڊيا ۾ ڇپيو آهي، هاڻي مستقل طرح اسلام آباد ڇڏي، ڪراچيءَ جي ’ڪلفٽن‘ جي علائقي ۾ رهائش پذير ٿيو آهي ۽ اڄڪلهه سنڌ ٽي. ويءَ تان ’ڪلاس روم‘ نالي پروگرام ڪندو رهندو آهي ۽ ڪي ٽي اين تان مبصر جي حيثيت ۾ شرڪت ڪندو رهيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.11.08  عيسوي

امرجليل 8 نومبر 1936ع تي روهڙي ۾ ڄائو



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻلديو مٽلاڻي
اسماعيل شيخ
امر جليل
اتم اي جي
انعام شيخ
ارباب نيڪ محمد
آسانند مامتورا
بيدل مسرور
آگرو غلام رباني
بهاري لعل ڇاٻڙيا
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون