امرڪوٽ - عمرڪوٽ

امرڪوٽ - عمرڪوٽ

امر ڪوٽ عمرڪوٽ

امرڪوٽ- عمرڪوٽ: هيءَ وسندي/شهر 25◦22′ اتر ويڪرائي ڦاڪ 69◦47′ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ ٿر ۾ آهي. ميرپورخاص کان ٤٦ ميل اوڀر ۾ ٺيڪ ان جاءِ تي آهي جتان واريءَ جون ڀٽون شروع ٿين ٿيون. ھي شھر پنھنجي قلعي سبب مشھور آھي؛ جيڪو پرمار سوڍي تعمير ڪرايو. ھن تي پوءِ سومرن قبضو ڪيو. وري ١٢٢٦ع ۾ سوڍن جي ھٿ ۾ رھيو. راجپوتن، ھمايون کي ھتي پناهه ڏني ۽ اڪبر بادشاهه جو جنم ٿيو. ڪلھوڙن جي دور ۾ عمرڪوٽ ميان نورمحمد جي قبضي ھيٺ ھو، جنھن کي ڪلھوڙن جوڌپور جي راجا کي وڪيو. ١٨١٣ع ۾ ميرن ھي شھر واپس ورتو. سنڌ تي انگريزن جي حڪومت دوران، ھن کي ضلعي ھيڊ ڪوارٽر جو درجو مليو. قلعو سرڪاري سنڀال ھيٺ آھي.
تاريخ ڏسائي ٿي ته امرڪوٽ سنڌ جي انهن چند شهرن مان آهي، جيڪي سنڌ جا تمام قديم ۽ آڳاٽا آهن. امرڪوٽ ٿر ۽ سنئين زمين جي ڪس تي آهي، هن شهر جي ايراضي ڪنهن دور ۾ تقريباً چوڏهن پندرهن ميلن ۾ پکڙيل هئي. پراڻي امرڪوٽ جا آثار ’شو‘ جي مندر کان وٺي ڏياتيهه تائين نظر اچن ٿا. هن شهر کي ڪڏهن ”ديهات“ جي نالي ته ڪڏهن ”همروٽ“، ڪڏهن ”پدمات“ ته ڪڏهن ”امراڻو“ ۽ ڪڏهن ”امراپري“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي، ليڪن هن وقت عمرڪوٽ جي نالي سان مشهور آهي. جيڪو سراسر غلط آهي، هن شهر کي عمر سومري جي نسبت سان عمرڪوٽ برٽش دور کان سڏيو ويو، حالانڪه عمر سومري جو امرڪوٽ جي شهر ۽ قلعي سان ڪو به واسطو نه آهي. تاريخ جا قديم ماخذ ”تاريخ فرشته“، ”آئين اڪبري“، ”اڪبر نامه“، ”شاهجهان نامه“ ۽ ٻيا مصنف انهي ڳالهه تي متفق آهن ته هن شهر جو نالو امرڪوٽ آهي.
امرڪوٽ جي تاريخ ۽ روايتن کي مد نظر رکي اهو چئي سگهجي ٿو ته هي شهر قبل مسيح ۾ به آباد هو، خاص ڪري ٻڌ ڌرم واري دور ۾ هي شهر اوج تي هو، جوڳرائي جو تلاءُ ان دور جي مشهور يادگار آهي، چون ٿا ته هن شهر جي ڀر ۾ لامٻي تلاءُ جي سر تي ۽ جوڳرائي جي ڪپر تي مهاتما ٻڌ جي پوئلڳن اچي چلا ڪڍيا، جنهن ڪري اتي هڪ شاهي قلعو مهاراجه وڪرما جيت ٺهرايو. هي شهر مهاراجه وڪرما آباد ڪيو، ليڪن هتي انسان ذات جي وسنديءَ جا آثار ان کان به قديم آهن. ان قديم دور جي آثارن ۾ هڪ ”جوڳرائي“ جو تلاءُ ۽ ٻيو ’شو‘ جو آستان آهي. انهيءَ ’شو‘ جي مندر وٽ برهمڻ، آباد هئا، گڏوگڏ ڀڪشوئن جو به زور هو. شوِ جو مندر ڀٽن واري زمين تي آهي ۽ انهن واري جي دڙن مان ٻڌ ڌرم جي دور جا مڻڪا اڄ به عام جام ملن ٿا. تحقيق بعد اهو معلوم ٿيو ته امرڪوٽ جو شهر قديم آهي ۽ لڳ ڀڳ امر ڪوٽ جو قلعو به ايترو ئي پراڻو آهي، ڇهين صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ هن شهر تي پرمار راجائن جي حڪومت هئي، انهن راجائن جي حڪومت کي يارهين صدي عيسوي ۾ حاڪم حمير سومري ختم ڪيو. هن قديم شهر کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن شهر ۾ بادشاهه جلال الدين محمد اڪبر جي ولادت ٿي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو