داخلا نمبر 1925
عنوان امرت خان
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 179 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

امرت خان

امرت خان (سر بهار نواز ):امرت خان، استاد عنايت خان جو ننڍو ڀاءُ سال 1936ع ۾ ڪلڪتي ۾ ڄائو. سندس ڀاءُ عنايت خان (1938-1895ع) مغل دربار سان وابسته تمام سٺو ستار نواز هو. هي ستار جي امداد خاني گهراڻي جو اهم فنڪار آهي. والد جي وفات کان پوءِ هن پنهنجي ماءُ بشيران بيگم ۽ پنهنجي ناني بڙي حسن خان کان ستار جي سکيا ورتي. 1944ع ۾ هو بمبئي لڏي ويو، جتي سندس چاچي واحد علي خان کيس سر بهار وڄائڻ جي تربيت ڏني. توڙي هُو واحد علي خان سان گڏ ڪلڪتي موٽي آيو ته جيئن ٻئي جوڙي ۾ وڄائين. پر حالتن سندن ساٿ نه ڏنو. 1960ع ڌاري هڪ ڪمپني سندس هڪ اڌ رڪارڊ ڀرايو، جيڪو ڏاڍو مقبول ٿيو ۽ اسٽيج تي به هن پاڻ موکيو. هن ستار وڄائڻ ۾ درپد جو انگ اختيار ڪيو. امداد خاني گهراڻي جي وڄت ۾ روي شنڪر ۽ نخيل بينر جي ڪافي سٺيون تبديليون آنديون، خود ستار ساز ۾ هنن تارن کي بدلائي نوان انگ پيدا ڪيا. امرت خان، انهن تبديلين کي قبول ڪري ڏاڍو نالو ڪمايو. هن پوري يورپ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. پاڻ واشنگٽن يونيورسٽي، سينٽ لوسٽس ۾ ستار جي تعليم ڏيندو آهي، کيس ٽي پٽ آهن، نشاط ستار وڄائيندو آهي. وجاهت سرود وڄائيندو آهي ۽ شفقت طبلي تي ساڻس سنگت ڪندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو