داخلا ؛ 1960
پڙهيو ويو ؛ 319
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-03-07


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--امرلعل هنڱوراڻي

ٽائيٽل ؛ امرلعل هنڱوراڻي


شاخ : ڪهاڻيڪار

امرلعل هنڱوراڻي: سنڌي زبان جو عظيم ڪهاڻيڪار امرلعل ولد وسڻمل هنڱوراڻي، کاهي راهو، (ضلعي نوشهري فيروز) ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- نوابشاهه ۾ ورتائين. هن 1930ع ۾ ڪراچيءَ جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان بي. اي ڪئي. -ان- کان پوءِ ايل. ايل. بي ڪراچيءَ مان ڪري وڪالت شروع ڪيائين.
امر لعل هنڱوراڻيءَ کي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل جديد ڪهاڻي نويسيءَ جي فن جو باني چيو وڃي ٿو. ورهاڱي کان اڳ سندس ڪهاڻيون ’ڦلواڙي‘، ’ساقي‘، ’مهراڻ‘، ‘آشا‘ ۽ ’سنڌو‘ رسالن ۾ شايع ٿيون ۽ عوام ۾ تمام گهڻيون مقبول ٿيون. پاڻ ڪهاڻي نويس هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو مضمون نگار پڻ هو. ”ميرمحمد عربي“ جي نالي سان حضور اڪرم صلي -الله- عليه وسلم جي سوانح حيات لکيائين، جيڪو ڪتاب ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيو. هن 1930ع ۾ ’ڦلواڙي‘، ’مخزن‘ ۽ 1940ع ۾ ’ساقي‘ رسالا -جاري- ڪيا.
امرلعل هنڱوراڻيءَ جي ڪهاڻي ”ادو عبدالرحمان“ عالمي معيار جي ڪهاڻي آهي، جيڪا ڪيترين زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي. سندس -ان- ڪهاڻيءَ واري عنوان سان ڪهاڻين جو مجموعو ڪيترا ڀيرا سنڌ ۽ هند ۾ ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪو آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -امرلعل هنڱوراڻي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

امرلعل هنڱوراڻي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ڪهاڻيڪار - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اڪبر سومرو
امرلعل هنڱوراڻي
اختر ٽانوري
ايشور چندر
آسانند مامتورا
آغا رفيق
آگرو غلام رباني
الطاف قادري
انور جوکيو
تهمينه مفتي
تيج موٽومل ڀاڳچنداڻي قابل
جمال ابڙو
جوکيو منظور


.....ڪهاڻيڪار موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن