داخلا ؛ 1975
پڙهيو ويو ؛ 310
پسند ڪيو ويو ؛ 3
تاريخ ؛ 2012-03-07


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--امروٽ شريف

ٽائيٽل ؛ امروٽ شريف


شاخ : ڳوٺ

امروٽ شريف: هيءُ ڳوٺ تعلقي ڳڙهي ياسين جي ديهه امروٽ ۾ -آباد- آهي، جنهن ۾ -امروٽ شريف- کان علاوه ’ڪلر آباد‘ (جت) ۽ ’ساهڙ‘ ڳوٺ به آهن. هتي پرائمري ۽ هاءِ اسڪول موجود آهي. هتي اسپتال جي سهوليت به موجود آهي. هيءُ ڳوٺ مشهور سياسي ۽ ديني شخصيت سيد -تاج- محمود امروٽيءَ جي ڪري مشهور آهي، جنهن کي عام طرح مولانا -تاج- محمود امروٽي جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي.
هن ڳوٺ ۾ مشهور تاريخي مدرسو آهي، جنهن جو باني مولانا -تاج محمود امروٽي- هو، جنهن اهو مدرسو 1308هه/ 1890ع ۾ قائم ڪيو. مولانا صاحب مدرسي جي سنڀال ۽ درس لاءِ وقت جي وڏي عالم مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي مهتمم مقرر ڪيو.
مولانا عبيدالله سنڌيءَ، امروٽ ۾ مولانا امروٽيءَ جي زيرنگرانيءَ پهريائين ديني درسگاهه کولي، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ -بلوچستان- جا شاگرد پڙهڻ آيا. هن مدرسي جو نالو ”دارالعلوم قاسميه“ رکيو ويو. سيپٽمبر 1923ع ۾ -ان- کان پوءِ مولوي عبدالرئوف سومرو مرزاپوري، مولوي يارمحمد سومري مرزاپوري، مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻي (ضلعو ٿر)، مولانا احمد علي لاهوري، مولانا خوش محمد (ميروخان ضلعو لاڙڪاڻو) وغيره جا نالا، -ان- مدرسي جي شاگردن ۾ قابل ذڪر آهن، جيڪي پنهنجي وقت جا فياض ۽ جيد عالم به ٿي گذريا آهن. امروٽ جي دارالعلوم جي ٻي اهم خصوصيت اها هئي، جو ٻين علمن سان گڏ طالب علمن ۾ وطن جي حب، آزاديءَ ۽ جهاد جو جذبو به پيدا ڪيو ويندو هو. هن مدرسي مان فارغ التحصيل عالمن، سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ديني ۽ قومي -اصلاح- لاءِ نمايان ڪم ڪيو. مولانا امروٽيءَ جي شاگردن ۽ مريدن ۾ شاهه ولي -الله- جي -تعليم- ايڏو اثر ڪيو، جو سنڌ مان -بدعت- ۽ بداعتقاديءَ جي پاڙ پٽجي وئي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -امروٽ شريف- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

امروٽ شريف - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ڳوٺ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بالاڪوٽ
بالي شاهه
ٻاٻوري (ڳوٺ)
آتڻاه موري
ٻاٺو (ڳوٺ)
بڇيري
بختيارپور
ٻاراچ (ڳوٺ)
ٻاروچو باغ
ٻاٻري
ٻٻري
ٻڌڪ
بدڪ (ڳوٺ)
ٻڍل فقير (ڳوٺ)
ٻلهڻ (ڳوٺ)
ٻنڊي
ٻورجي (ڳوٺ)
ٻورڙي
ٻولھاڙي (ڳوٺ)
ٻهارا
ٻيٽو جتوئي
اسلام آباد 2
اسلام پور
ٻيلو پتڻ
اڪرو
اگهاماڻي تڙ-بندر
بڊو (ڳوٺ)
برهماڻي (ڳوٺ)
امروٽ شريف
اپلاڻ
آراضي
بقادار شاهه (ڳوٺ)
بڪيرا (ڳوٺ)
بڪيرا شريف
بکو لاشاري
بگا
آمريو
بيگن جروار
بهرام هاٿيان
بهڻ2
آڪري
آڪلو
بوبڪ
بوهري2
بوهي جا قبا2
بهار ڪالوني2
ٻلهڙيجي
اڪتڙ عاربي ڳوٺ
تڪيو محمد پناهه
تلي 3
ڀالِوا
ڀاڻوٺ
ڀاوند لاکا
ڀٽا 2
ٺٽي
ٺٽي2
ٺري
ڀَرچُونڊي
ٺوڙهي3
ٺوڙهي بجار
ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب
تڙ خواجا
ڀنگر آچا2
ڀنگر آچا3
ٽپال
ڀوتڙا
ڀورٽي2
ڀولا ڪلهوڙا1
ڀَيرو2
ٽلٽي
ٽنڊو
ٽنڊو بهاول
ٽنڊو رحيم خان
ٽنڊو سائينداد
ٽنڊو ڪولاچي
ٽنڊو گامون
ٽنڊو گوندل
ٽنڊو مٺا خان
تونگ 3
تونگ شريف
تاجپور
تاراهه ڳوٺ
ٿرڙي جادو شھيد
ٿنگھئو
پير جو ڳوٺ
پير ذاڪري
پاٽويون
جلب ديرو
جائيه
پاسو
پانڌي جي ٽڪري
پانڌي واھي
پتڻ ناصراڻي
جنجهه
جنهاڻ 2
جنهاڻ سومرو


.....ڳوٺ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن