داخلا ؛ 4318
پڙهيو ويو ؛ 893
پسند ڪيو ويو ؛ 4
تاريخ ؛ 2012-08-15


تصويرون


amroti-mohd-Shah.gif
امروٽي محمد شاهه
امروٽي محمد شاهه



ٽائيم لائين

09.05.1929-A.D
مشهور عالم بزرگ سيد محمد شاهه ولد ميان نظام الدين شاهه امروٽي ، 9 مئي 1929ع تي ڳوٺ ’ ديواني ‘ لڳ پريالوءِ ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو .

13.11.1987-A.D
مولانا محمد شاهه امروٽيءَ ، 13 نومبر 1987ع تي سول اسپتال سکر ۾ وفات ڪئي .




sindhianaسنڌيانا--امروٽي محمد شاهه

ٽائيٽل ؛ امروٽي محمد شاهه


شاخ : عالم

امروٽي، محمد شاهه: مشهور عالم بزرگ سيد محمد شاهه ولد ميان نظام الدين شاهه امروٽي، 9 مئي 1929ع تي ڳوٺ ’ديواني‘ لڳ پريالوءِ، ضلعي خيرپور ميرس ۾ -جنم- ورتو. مولانا محمد شاهه امروٽيءَ جو والد نظام الدين شاهه، نامور عالم مولانا -تاج- محمود امروٽيءَ جو ڀائيٽو هو، جيڪو مولانا -تاج- محمود جي وفات بعد -امروٽ شريف- ضلعي شڪارپور ۾ رهائش پذير ٿيو ۽ درگاهه جي خدمت ۽ سار سنڀال ڪرڻ لڳو. سيد محمد شاهه امروٽي قرآن مجيد جي -تعليم- ۽ سنڌي ڇهه درجا -امروٽ شريف- ۾ پڙهيو. -ان- کانپوءِ ديني -تعليم- مختلف مدرسن ۾مختلف عالمن کان حاصل ڪيائين، باقي -تعليم- -تاج- المدراس امروٽ ۾ مڪمل ڪري دستار ٻڌائين. -تعليم- مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ديني ڪتابن جي مطالعي ۾ مشغول رهيو. والد جي وفات بعد درگاهه -امروٽ شريف- جو ٽيون سجاده نشين ٿيو، جنهن کانپوءِ سمورو وقت مريدن جي ذڪر اذڪار ۽ درگاهه جي انتظام سنڀالڻ ۾ گذارڻ لڳو. -پاڪستان- جي قيام بعد جڏهن ’جمعيت العلماءَ اسلام‘ نالي هڪ سياسي جماعت قائم ٿي ته محمد شاهه -ان- جماعت ۾ شامل ٿيو، ون يونٽ بعد -جمعيت- العلماءَ -اسلام- سنڌ جو -امير- (صدر) چونڊيو ويو ۽ آخر تائين -ان- عهدي تي رهيو. -ان- کان علاوه مرڪزي مجلس شوريٰ جو رڪن ۽ ڪجهه وقت لاءِ -جمعيت- جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل به رهيو.1977ع ۾ ذوالفقار علي -ڀٽي- جي حڪومت خلاف -پاڪستان- قومي -اتحاد- تحريڪ هلي ته -ان- ۾ به امروٽي ڀرپور حصو ورتو، -ان- تحريڪ دوران محمد شاهه ڪيترو وقت سينٽرل جيل سکر ۾ قيد به رهيو. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي ۾ به حصو ورتائين. مولانا کي طب ۾ به سٺي مهارت هئي. هو سٺو ليکڪ ۽ شاعر به هو. هن ٽي ڪتاب لکيا، -جن- مان هڪ ڪتاب ’ڇا ڏٺو آهي تو؟‘ جيڪو سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ’جيئن ڏٺو آهي مون‘ جي رد ۾ لکيل هو، پر اهو شايع ٿي نه سگهيو. باقي سندس -ٻه ڪتاب- ’رساله جهاد‘ ۽ ’ملن جو مرشد‘ شايع ٿيل آهن. اهي ٻئي ڪتاب دارالااشاعت امروٽ طرفان 53-1952ع ۾ شايع ٿيا. مولانا محمد شاهه امروٽيءَ، 13 نومبر 1987ع تي سول اسپتال سکر ۾ وفات ڪئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرئين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -امروٽي محمد شاهه- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

امروٽي محمد شاهه - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن