امونيا

امونيا (Ammonia ):امونيا عام گرمي پد تي بي رنگ ۽ تيز بوءِ واري گئس آهي. هيءُ آسانيءَ ۽ تيزيءَ سان نڪ جي ناس ۽ ڦڦڙن تائين ويندڙ نسن کي جنبش ۾ آڻي ٿي ۽ ريزش پيدا ڪري ٿي. هن گئس جو ٽهڪڻ پد 4. 33 ۽ ڄمڻ پد 70. 77 آهي. امونيا کي سولائيءَ سان پاڻياٺيءَ حالت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.


لفظ امونياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو