داخلا ؛ 4375
پڙهيو ويو ؛ 684
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-08-17


تصويرون


umed-ali-rizwi.gif
اميد علي شاهه رضوي
اميد علي شاهه رضوي



ٽائيم لائين

21.06.2010-A.D
اميد علي شاهه رضوي 21 جون 2012ع تي وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )

ٽائيٽل ؛ اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )


شاخ : سياستدان

اميد علي شاهه رضوي: پ. پ اڳواڻ اُميد علي شاهه رضوي ٽنڊي الهيار ۾ -جنم- ورتو هو. سيد ڀورل شاهه جو فرزند؛ صوبائي وزير علي نواز شاهه رضويءَ جو وڏو -ڀاءُ- ۽ درگاهه حضرت شاهه عنايت رضويرح جي درگاهه جو سجاده نشين هو، سيد اُميد علي شاهه پيپلز پارٽيءَ جو بنيادي ميمبر هو. ٽنڊي الهيار ۾ پيپلز پارٽيءَ جو بنياد به هن وڌو هو. -اميد علي شاهه رضوي- 1977ع ۾ پ. پ جــي ٽــڪيٽ تي ايم. اين. اي، 1993ع ۽ 1997ع جي چونڊن ۾ ايم. پي. اي چونڊيو. سيد عبدالله شاهه جي وڏ وزارت واري دؤر ۾ سنڌ جي جيل کاتي جو صوبائي وزير رهيو ۽ ڪجهه عرصو وفاقي وزير به رهيو، پاڻ سياسي توڙي سماجي حوالي سان وڏو ماڻهو هو. هن پنهنجي دؤر ۾ تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا، ڪيترن ئي غريب ماڻهن کي نوڪريون ڏئي روزگار سان لڳايو. اهو ئي سبب آهي جو سندس خاندان اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن به سياسي شڪست ناهي کاڌي. هو ملنسار ۽ محبتي ماڻهو هو، درگاهه حضرت سيد عنايت شاهه رضويءَ جو ساليانو عرس ملهائڻ سان گڏوگڏ درگاهه شيخ موسيٰ تي پڻ هر سال عرُس مبارڪ جي تقريب ڪوٺائيندو هو، -جتي- لنگر جو به عام انتظام ڪندو هو. سيد -اميد علي شاهه رضوي- ذوالفقار علي ڀٽي، محترمه بينظير ڀٽو ۽ غلام مصطفيٰ -جتوئي- کي به ويجهو رهيو. سندن خانداني لاڳاپا پير غلام رسول شاهه جيلانيءَ جي خاندان سان رهيا. ٽنڊي الهيار جي هن سياسي ۽ سماجي اڳواڻ 21 جون 2012ع تي وفات ڪئي، کيس سندس وصيت موجب سندس ئي حويليءَ جي ڀرسان -امام بارگاهه- ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان ) - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن