امير

امير: عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو سپهه سالار، حاڪم ۽ فرمانروا جي مفهوم ۾ ڪم آيل آهي. قرآن شريف ۾ ”اولي الامر“ جي ترڪيب موجود آهي، ليڪن حديث ۾ اهو لفظ گهڻيئي ڀيرا آيو آهي، ۽ اهو اصطلاح بنيادي طور اسلامي آهي. اجتماع جي تعلق سان روايتن ۾ لفظ ”امير“، امت اسلاميه جي سربراهه اعليٰ جي معنيٰ ۾ آيو آهي. خلافت مديني دوران فوج جي سالارن کي به ”امير“ چيو ويندو هو. بنو اُميه جي دور ۾ اميرن کي عموماً انتظامي ۽ مالي، مڪمل اختيار مليل هئا. اُهي نماز ۾ امامت ڪندا هئا، عدالت ڪندا هئا ۽ معاهدن جي نگراني به ڪندا هئا.
عباسين، انتظامي امور ۾، بنو اُميه جي روايتن تي عمل جاري رکيو. امير حڪومت جي نظام ۾ اهم حيثيت جو مالڪ هو، ليڪن چوٿين صدي هجريءَ ۽ ان کانپوءِ آهستي آهستي فوجي حڪومتون قائم ٿيڻ لڳيون، جنهنڪري امن امان ۽ ٻين اهڙن معاملن ۾ امير جي بدران بادشاهه/ حاڪم مسئلن ۽ معاملن جو مرڪز بنجي ويو. سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن کي پڻ ’امير‘ سڏيو ويندو هو. جيڪو لفظ پوءِ ڦري ’مير‘ ٿيو .


لفظ اميرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو