امير بخاري

امير بخاري

امير بخاري

امير بخاري: امير بخاري سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ مضمون نگار آهي. سندس پورو نالو امير علي شاهه ولد جعفر علي شاهه آهي. هو پهرين ڊسمبر، 1941ع تي گهوٽڪي تعلقي جي ڳوٺ ٻيرڙي بخارا لڳ ماٿيلي، مومل جي ماڙيءَ ۾ پيدا ٿيو.
هن سنڌي فائنل سان گڏ مئٽرڪ، اديب فاضل سنڌي، اديب فاضل اردو ۽ انٽر ڊرائنگ جي تعليم حاصل ڪئي. امير بخاري گهڻو وقت پرائمري اسڪول جو استاد پڻ رهيو. هن 1965ع کان لکڻ شروع ڪيو. سندس لکڻيون، سنڌيءَ، اردوءَ سرائڪيءَ ۽ پنجابيءَ ۾ ڇپجنديون رهيون آهن، جيڪي نثر توڙي نظم ۾ آهن. مرحوم رشيد احمد لاشاري، مرحوم سردار علي شاهه ۽ مخدوم غلام محمد امير بخاريءَ جا استاد هئا. هيل تائين مختلف موضوعن تي سندس ست ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، جن ۾ هڪ سندس ڪهاڻين جو مجموعو آهي. آخري عمر ۾ مٿس فالج حملو ڪيو، ڪجهه سال بيماريءَ کي منهن ڏيئي، 25 جنوري 2007ع تي وفات ڪري ويو.


لفظ امير بخاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.12.01  عيسوي

امير بخاري پهرين ڊسمبر ، 1941ع تي ڳوٺ ٻيرڙي بخارا لڳ ماٿيلي ، مومل جي ماڙيءَ ۾ پيدا ٿيو


2007.01.25  عيسوي

امير بخاري 25 جنوري 2007ع تي وفات ڪري ويو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحڪيم ارشد
خليفو غلام نبي لغاري
ڀٽي نور محمد پرواز
شير محمد قريشي
رضوي سيد زوار حسين شاهه
احسن حافظ محمد چنا
پندار
اوڌوداس
عبدالفتاح عبد بٺورائي
ضياء جالنڌري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون