امير بخش ڀٽو

امير بخش ڀٽو

امير بخش ڀٽو

امير بخش ڀٽو: مشھور سياستدان ۽ سنڌ نيشنل فرنٽ جي چيئرمئن امير بخش ڀٽي جو جنم 1954ع ۾ سنڌ جي اڳوڻي گورنر ۽ وڏي وزير سردار ممتاز علي ڀٽي جي گهر ۾ ٿيو. هن سياسيات، معاشيات ۽ قانون ۾ بيچلر جون ڊگريون بڪنگهم يونيورسٽي مان حاصل ڪيون، جڏهن ته پرڏيھي لاڳاپن ۾ ايم فل جي ڊگري ڪئمبرج يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. سندس تحقيقي مقالي جو عنوان ”1971ع واري پاڪ-ڀارت جنگ ۾ سپر پاورس جو ڪردار“ هو. ان کانسواءِ سندس ڪيترائي مضمون مختلف وقتن تي انگريزي توڙي سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبا رهيا آهن. هڪ ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو، جڏهن ته ٻه ڀيرا 2002ع ۽ 2008ع وارين عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اميدوار محمد اياز سومري سان چونڊن ۾ مقابلو ڪيو. ممتاز علي ڀٽي جي وفات کانپوءِ کيس سرداريءَ جي پڳ ٻڌرائي وئي. هن وقت پاڪستان تحريڪ انصاف جو سينئر نائب صدر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو