امير حسن

امير حسن (راڳي ):امير حسن 11 نومبر 1957ع ۾ صدر حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس خاندان ۾ اڳ ۾ ڪو به ڳائڻو ڪو نه هو. پاڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حيدرآباد مان، ايل. ايل. بي ۽ ايم ايس سي (فزيالوجي) 1982ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1980ع ۾ حيدرآباد ريڊيو تي رڪارڊ ٿيو ۽ بعد ۾ ٽي وي لاءِ ڳايائين. ٽي وي جي چهچٽو پروگرام لاءِ الاهي مزاحيه رڪارڊ ڀرايائين. امير حسن، مهدي حسن جي گَهت ۾ ڀلوڙ ڳائڻو آهي. امير حسن پاپ ميوزڪ به ڳائيندو آهي. سندس ٻه ٽي ڪيسٽون سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ آيون آهن. پاڻ به سٺو ڪمپوزر آهي. استادن ۾ پروفيسر نجمي رضويءَ جو شاگرد آهي، جنهن ميوزڪ ۾ آمريڪا مان ڊپلوما ڪئي آهي. استاد فتح علي خان کان به سکيو اٿس. کيس مهدي حسن، استاد منظور علي خان ۽ محمد يوسف وڻندا آهن، هن کي ڪيترا اوارڊ مليا آهن، جهڙوڪ فن دوست اوارڊ (1994ع)، مهراڻ آرٽس اينڊ ڪلچر اوارڊ (1996ع) ۽ سنڌ فنڪار تنظيم پاران اوارڊ (1996ع) ۽ پاڪستان فن دوست سوسائٽي طرفان ”نشان - امتياز“ (1997ع).


لفظ امير حسنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.11.11  عيسوي

امير حسن ( راڳي ) : -امير حسن- 11 نومبر 1957ع ۾ صدر حيدرآباد ۾ ڄائو . سندس خاندان ۾ اڳ ۾ ڪو به ڳائڻو ڪو نه هو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ثقلين مشتاق
رضوي سيد امداد علي شاهه
ساڌو نولراءِ
جنگو خان جمالي
شاستري لال بهادر
آغا محمد يحييٰ خان
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
خانصاحب غلام رسول ڪيهر
ڪشنداس چندرا آڏواڻي
دائودپوٽو عبدالڪريم منشي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون