داخلا ؛ 2159
پڙهيو ويو ؛ 458
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-09


تصويرون


Ameer-Khusro.jpg
امير خسرو
امير خسرو



ٽائيم لائين

1253.00.00-A.D
امير خسرو: هندستان جي شهر بدايون ۾ 1253ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1325ع ۾ پٽيالي ( دهلي ) ۾ وفات ڪيائين

1325.00.00-A.D
امير خسرو: هندستان جي شهر بدايون ۾ 1253ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1325ع ۾ پٽيالي ( دهلي ) ۾ وفات ڪيائين




sindhianaسنڌيانا--امير خسرو

ٽائيٽل ؛ امير خسرو


شاخ : شاعر

امير خسرو: هندستان جي شهر بدايون ۾ 1253ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1325ع ۾ پٽيالي (دهلي) ۾ وفات ڪيائين. سندس سڄو نالو ابوالحسن يمن الدين خسرو آهي، -امير خسرو- قواليءَ جو باني آهي ۽ موسيقيءَ ۾ خيال ۽ ”تراني“ جي انداز جو پايو وجهندڙ هو. چون ٿا ته طبلو به هن ئي ايجاد ڪيو. هي -ترڪ- نزاد هو ۽ وليء هند نظام الدين اولياءَ رحه جو محبوب مريد هو. -امير خسرو- ئي اهڙو هندستاني فارسي گو شاعر ۽ اديب آهي، جنهن کي ايراني به اهلِ زبان تسليم ڪن ٿا. هن غزل جي ميدان ۾ سعدي شيرازيءَ جي پيروي ڪئي. هن جي غزلن ۾ -تصوف- جو رنگ نمايان آهي. غزلن جي پنجن ديوانن کان سواءِ نظامي گنجويءَ جي خمسي جي جواب ۾ پنج مثنويون (مطلع الانوار، شيرين و خسرو، مجنون و ليليٰ، -آئينه سڪندري- ۽ هشت -بهشت-) پڻ ”خمسهء -امير خسرو-“ جي نالي سان تمام گهڻو مشهور آهن. -ان- کان سواءِ -امير خسرو- جون ٻيون به ناياب تصنيفون آهن. ڪجهه محققن جو خيال آهي ته -اردو- غزل جي ابتدا -امير خسرو- ڪئي ۽ نموني طور اڪثر تذڪرن ۾ هن سان منسوب اهو فارسي هندي غزل ملي ٿو، جنهن جي هڪ مصرع فارسيءَ ۾ ۽ ٻي مصرع ڀاشا (کڙي -ٻولي-) ۾ آهي. -ان- کان سواءِ ٻيو به گهڻو هندي ڪلام هن سان منسوب آهي. -امير خسرو- کي موسيقيءَ جي فن تي به عبور حاصل هو. -امير خسرو- اها پهرين عظيم هستي آهي، جنهن ايراني ۽ هندي موسيقيءَ کي ملائي هڪ نئون رنگ پيدا ڪيو. هن جو نانو عماد الملڪ موسيقيءَ جو عاشق هو جنهن وٽ اڪثر اربابِ نشاط جون محفلون برپا ٿينديون هيون. -امير خسرو- موسيقيءَ جي ابتدائي -تعليم- انهن ئي محفلن مان حاصل ڪئي. درٻاري گوين جي صحبت ۾ ايراني ۽ هندي ڪلاسيڪي موسيقيءَ تي ڪامل عبور حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن هندي ڪلاسيڪي موسيقي کي ايراني سانچن ۾ ٺهڪايو ۽ اهڙي طرح موسيقيءَ جي صنفن ۾ تراني، قول، قلبانه، بسيط، قوالي وغيره جو موجد (باني) ٿيو. ڌرپد جي جڳهه خيال جي گائڪي جي ابتدا پڻ ساڻس منسوب آهي. ايراني نغمن ۽ هندي راڳن جي امتزاج جي مدد سان هن گهڻائي نوان راڳ اختراع ڪيا. ڪجهه سازن بالخصوص ستار ۽ طبلي جو موجد به -امير خسرو- کي ئي تسليم ڪيو وڃي ٿو. -امير خسرو- جي پنجن ديوانن مان پهرين ديوان ۾ هن -ٺٽي- شهر جي سونهن ۽ خوبصورتيءَ جو ذڪر غزل جي مطلع (پهرين شعر) ۾ ڪيو آهي. هن غزل، مثنوي، قطعو، رباعي، دوبيتي لکيا. هو وڏو موسيقار ۽ دانشور شاعر هو .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -امير خسرو- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

امير خسرو - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شاعر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
ارشاد عباسي
ارشد هالائي
ارم محبوب
استاد بخاري
اسحاق آهنگر
اسحاق راهي
اسحاق سميجو
اسد الله شاهه بيخود حسيني
اسد بيگ اسد مرزا
اسد چاچڙ
اسلم خيال
اسلم عباسي
اسماعيل اداسي
اسير ملاح
اطهر منگي
اعجازالحق قدوسي
افتخار عارف
افضل قادري
اقبال رند
اقبال شينو
اقبال علامه ڊاڪٽر
اصغر سائين
اڪبر ساگر
اڪرام ساگر عباسي
الانا جِي
بردو سنڌي
الطاف عباسي
الطاف ملڪاڻي
برڪت بلوچ
الهه بخش سرشار عقيلي
الهنواز نواز رُڪڻائي
الهورايو اُداسي بِهڻ
الياس عِشقِي ڊاڪٽر
ابراهيم خليل
ابراهيم خليل ڊاڪٽر
ابراهيم منشي
امام بخش خادم
امام علي شاهه
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
امداد جتوئي
امداد جعفري
امداد حسيني
آخوند عبدالقادر بيدل
امر اقبال
آخوند فقير محمد عاجز
امر ساهڙ
ابو البقا ملا ٺٽوي
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
بسمل ٽکڙائي
آخوند لطف الله لطف قريشي
بسنت ڪمار رائچنداڻي
بشير احمد بشير
آخوند محمد قاسم هالائي
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
اٽل مل بينام
آدم هنڱورجو
اميد خيرپوري
اميد علي ڪلهوڙو
اميد علي لغاري
امير بخاري
اميربخش امير قريشي
امير بخش نظر سنڌي
امير خسرو
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
احسان علي
احسان فقير لانگاهه
احسن الهاشمي
احسن حافظ محمد چنا
احمد بخش احمد مورائي
احمد بخش بدوي
احمد خان اختر
احمد خان گلزار
احمد خان مدهوش
احمد سليم
احمد سولنگي
احمد علي شاهه
احمد فراز
بشير بيوس اوٺو
احمد ملاح مولوي
بشير سيتائي
اختر انصاري اڪبرآبادي
اختر درگاهي
انجم هالائي
ادراڪي بيگلاري
بکر شيخ
آري فقير چانڊيو
آزاد بخاري
آزاد محمد رمضان
ارجن حاسد
ارجن سڪايل


.....شاعر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن