داخلا نمبر 2139
عنوان اميربخش امير قريشي
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 441 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

اميربخش امير قريشي

اميربخش امير قريشي: اميربخش قريشي ولد امام بخش، شڪارپور ۾ 1906ع ڌاري ڄائو. شاعريءَ جو آغاز 1930ع کان ڪيائين. امير قريشي مشهور شاعر ۽ نثر نويس ٿي گذريو آهي. شڪارپور ۾ ئي کيس ادبي ماحول مليو. ان ڪري هن 20 سالن جي ڄمار کان شاعري شروع ڪئي ۽ ادبي محفلن ۾ حصو وٺڻ لڳو. خوراڪ کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس استاد سرشار عقيلي هو. پاڻ ”محفلِ احباب“ جو صدر، ”جمعيت الشعراءِ“ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ ڪيترن ئي ادبي ادارن جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. سندس تصنيفن ۾ ’جهنگل‘ (ناول)، ’انور‘ (ناول)، ’بياضِ امير‘ (شاعري) ۽ ’شڪوه جواب شڪوه‘ (شاعري) جو ترجمو قابل ذڪر آهن. پر اُهي ڪتاب اڃا شايع نه ٿيا آهن. خوراڪ کاتي ۾ هڪ اعليٰ عهدي تان رٽائر ڪري، ڪجهه وقت شڪارپور ۾ سڪونت پذير ٿيو، بعد ۾ ڪراچي منتقل ٿيو. پاڻ نهايت ئي نيڪ ۽ مهمان نواز طبيعت جو مالڪ هو. 1978ع ڌاري وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1906.00.00  عيسوي

اميربخش امير قريشي شڪارپور ۾ 1906ع ڌاري ڄائو


1978.00.00  عيسوي

امير بخش امير قريشي 1978ع ڌاري وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون