داخلا ؛ 2181
پڙهيو ويو ؛ 1058
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-09


تصويرون


Makhdoom-Ameen-Faheem.jpg
مخدوم امين فهيم
مخدوم امين فهيم



ٽائيم لائين

1939.08.04-A.D
مخدوم محمد امين ” فهيم “ ، تعلقي هالا ، ضلعي مٽياريءَ ۾ 4 آگسٽ 1939ع تي ڄائو




sindhianaسنڌيانا--امين فهيم مخدوم

ٽائيٽل ؛ امين فهيم مخدوم


شاخ : سياستدان

امين ’فهيم‘، مخدوم: سنڌي ٻوليءَ جي قادرالڪلام شاعر، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو وڏو فرزند ۽ مخدوم نوح سرور جي درگاهه جو موجوده ۽ پندرهون نمبر سجاده نشين ۽ ناميارو شاعر، مخدوم محمد امين ”فهيم“، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ 4 -آگسٽ- 1939ع تي ڄائو. سندس نالو ”محمد امين“ رکيو ويو، جڏهن ته مخدوم محمد امين ثالث ”پکن ڌڻيءَ“ جي نسبت سان کيس ”ڏاڏا سائين“ به چيو ويندو آهي. شروعاتي -تعليم- هالا مان ورتائين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪيائين. هن شاعريءَ جي شروعات 1953ع ۾ ڪئي. پهريائين ”امين“ تخلص اختيار ڪيائين، پر هاڻي مخدوم امين، شاعريءَ ۾ ”فهيم“ تخلص اختيار ڪندو آهي. جناب غلام محمد گراميءَ جي چواڻي: ”مخدوم امين فهيم جي شاعريءَ ۾ سوز و گذار، محبت ۽ رِقت جا اهي سڀ معيار موجود آهن، جيڪي هڪ قادرالڪلام شاعر جي شاعريءَ ۾ ٿين ٿا.“ هن غزل جي عمدي شاعري ڪئي آهي، قومي شاعريءَ ۾ به بهترين ڪلام چيا اٿس. سندس -ٻولي- پختي، رسيلي ۽ مٺي آهي. پنهنجي والد بزرگوار جي صحبت ۽ هالا جي ادبي ماحول ۾ هيءُ رچي ريٽو ٿيو. سندس ڪلام جو مجموعو ”پيغام“، سنڌي ادبي بورڊ، ڊسمبر 1990ع ۾ شايع ڪري چڪو آهي.
سندس جوانيءَ جي دور ۾، شاعريءَ ۾ وقتاً فوقتاً ڪجهه وقفو به نظر اچي ٿو، جنهن جو سبب سندس سياسي، فلاحي، قومي ۽ خانداني مصروفيتون آهن.
هن سياسي سفر جو آغاز 1970ع ڌاري پيپلزپارٽيءَ جي -ٽڪيٽ- تي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ٿيڻ سان ڪيو. ڪجهه وقت سنڌ جي گورنر جو صلاحڪار پڻ رهيو، پوءِ مرڪز ۾ وزير مملڪت جي عهدي تي فائز ٿيو. 1977ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جي ڪابينا ۾ روينيو ۽ آبادڪاريءَ جو وزير ٿيو. 1983ع ۾ ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر هو. 1988ع ۾ بينظير ڀٽو جي ڪابينا ۾ مواصلات جو وزير مقرر ٿيو. 1990، 1993ع ۾ 1997ع وارين عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. انهن چونڊن ۾ جيئن ته پيپلزپارٽي، اقتدار ۾ نه آئي، -ان- ڪري کيس وزارت نه ملي، وري 2008ع جي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.
سياسي طور هن وقت -پاڪستان- حڪومت ۾ سينيئر وزير ۽ وفاقي وزير تجارت آهي. -ان- کان سواءِ -پاڪستان- پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو صدر ۽ پيپلزپارٽيءَ جو سينيئر وائيس چيئرمئن آهي. مخدوم صاحب پنهنجي والد وانگر معتدل سياستدان آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -امين فهيم مخدوم- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

امين فهيم مخدوم - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن