داخلا ؛ 2184
پڙهيو ويو ؛ 457
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-03-09


تصويرون


Ameen-Leghari.jpg
امين لغاري
امين لغاري



ٽائيم لائين

1966.06.07-A.D
امين لغاري 7 جون 1966ع تي ڳوٺ جعفر خان لغاري ، تعلقي سنجهوري ، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو




sindhianaسنڌيانا--امين لغاري

ٽائيٽل ؛ امين لغاري


شاخ : شخصيت

امين لغاري: امين محمد عرف غلام حيدر ولد ولي محمد لغاري، 7 جون 1966ع تي ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ ۾ -جنم- ورتو. پرائمري -تعليم- پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ مئٽرڪ، گورنمينٽ هاءِ اسڪول سانگهڙ مان ڪيائين. 1984ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگهڙ مان بي. اي ۽ 1991ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان، ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ مان ايم. اي ڪيائين. -ان- شعبي ۾ پڙهائيءَ دؤران، يونيورسٽيءَ طرفان نڪرندڙ مئگزين، ”يوني مئگ“ جي -اردو- حصي جو اسسٽنٽ -ايڊيٽر- رهيو. پڙهائيءَ دوران ’ماس ڪميونيڪيشن سوسائٽيءَ‘ جو صدر رهيو ۽ انهيءَ پليٽ فارم -تان- يونيسيف جي سهڪار سان ’سنڌ نيٽ ورڪ فار چلڊرين‘ (سڄڻ) نالي تنظيم جو پايو وڌو ويو ۽ -امين لغاري- -ان- تنظيم جي بانيڪارن مان هو. -ان- کان سواءِ هي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ’ڪميونيڪيٽر‘ نالي خبرنامي جو -ايڊيٽر- به رهيو. ايم. اي جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ ساڳئي سال پريس انسٽيٽيوٽ آف -پاڪستان- ڪراچيءَ ۾ هڪ سال تائين ريسرچ آفيسر رهيو. بعد ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ -انگريزي- -اخبار- ”سنڌ ايڪسپريس“ جو حيدرآباد ۾ بيورو چيف پڻ رهيو. -ان- کان اڳ ”فرنٽيئر پوسٽ“ حيدرآباد بيورو آفيس ۾ صحافت جي عملي سکيا ورتائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1)”جديد صحافت“ (2) ”دنيا جون مشهور شخصيتون“ (ترجمو) ۽ ”پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڊڪشنري“ اچي وڃن ٿا، جڏهن ته هڪ ڪتاب ’ماس ميڊيا‘ ڇپائيءَ هيٺ آهن. -ان- کان سواءِ مرزا قليچ بيگ تي سنڌي -ٻولي- نمبر محترم -تاج- جويي سان گڏجي ترتيب ڏنائين. جيڪو 1993ع ۾ ڇپيو. مئي 1992ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڀرتي ٿيو، 10 -آڪٽوبر- 1992ع تي کيس پبليڪيشن ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو. 1 -آگسٽ- 1995ع تي پبليڪيشن آفيسر مقرر ٿيو. -ٻولي- اٿارٽيءَ جي خبرنامي ’سنڌي -ٻولي- جو باني ايڊيٽر‘ آهي، جيڪو هن وقت تائين سلسليوار شايع ٿي رهيو آهي. -ان- کان علاوه هن اٿارٽيءَ جا 3 سووينيئر ترتيب ڏنا آهن. 1992ع کان 2001 تائين پروگرام شعبي جون ذميداريون نڀايائين ۽ 1992ع کان 1997ع تائين پبلڪ رليشن آفيسر به رهيو. -جنوري- 2001ع ۾ اٿارٽيءَ جو بيورو آف پبليڪيشن ۽ پراڊڪشن قائم ٿيو ته امين لغاريءَ کي -ان- جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي پرائمري نصابي ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ رهيو. ’الک‘ گروپ آف پبليڪيشن جي سنڌ لائيٽ جي -ايڊيٽوريل- بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو. هن وقت ڊائريڪٽر پبلڪيشن اينڊ پراڊڪشن طور سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -امين لغاري- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

امين لغاري - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن