داخلا ؛ 2187
پڙهيو ويو ؛ 398
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-09


تصويرون




ٽائيم لائين

1254.08.07-Hijree
مخدوم صاحب ، 7 شعبان 1254هه/26 آڪٽوبر 1838ع تي جنم ورتو .

1838.10.26-A.D
مخدوم صاحب ، 7 شعبان 1254هه/26 آڪٽوبر 1838ع تي جنم ورتو .

1304.09.27-Hijree
مخدوم صاحب جن 48 ، 49 سالن جي ڄمار ۾ 27 رمضان 1304هه/29 جون 1886ع ۾ وفات ڪئي

1886.06.29-A.D
مخدوم صاحب جن 48 ، 49 سالن جي ڄمار ۾ 27 رمضان 1304هه/29 جون 1886ع ۾ وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي

ٽائيٽل ؛ امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي


شاخ : شخصيت

امين محمد ثالث عرف ”پکن ڌڻي“: مخدوم امين محمد ثالث صديقي قريشي، سروري درگاهه جو تيرهون سجاده نشين، حضرت مخدوم محمد زمان رابع رحه جو وڏو فرزند هو. کيس ٻيا ٻه ننڍا ڀائر ميان شاهه محمد عرف ميان شاهنواز ۽ ميان غلام نبي عرف ميان پنيلڌو هئا. مخدوم امين محمد، شجري موجب غوث -الحق- مخدوم نوح جي يارهين ۽ حضرت ابوبڪر صديق جي ٻائيتاليهين پشت مان هو. مخدوم صاحب، 7 شعبان 1254هه/26 -آڪٽوبر- 1838ع تي -جنم- ورتو. سندس والد کيس ڪوڏ سان ”بابا سائين“ ۽ پيار وچان ”امين“ ڪري سڏيندو هو. سندس -تعليم- ۽ تربيت لاءِ -آخوند- محمد قاسم کي مامور ڪيو ويو. وڏي جهد ۽ رياضت سان علوم متداوله جي تحصيل ڪيائين ۽ پنهنجي دور جي درس نظاميه ۾ خاص مقام حاصل ڪيائين. قرآن پاڪ، حديث، فقه ۽ -تصوف- جي دقيق ڄاڻ ورتائين. سندس اصل تربيت ۽ -تعليم- جو سڌوسنئون واسطو پنهنجي مرشد حق آگاهه سان رهي ٿو. -ان- موجب سندس والد ماجد جي نگاهه، امين محمد سائينءَ کي هر خيال کان ڪامياب بنائي ڇڏيو.
پاڻ پندرهن سالن جو مس ٿيو ته سندن والد وفات ڪري ويو ۽ ننڍيءَ عمر ۾ جماعت سروريه جي تربيت جو اهتمام ۽ ٻين ننڍن ڀائرن ۽ چئن معصوم ڀينرن جي ڪفالت جو بار سندن سر تي آيو. حضرت امين سائينءَ جي جواني ڏاڍي مستاني ۽ -البيلي- گذري. پاڪيزه طبع جو مالڪ ۽ خوش پوشاڪ هو. رنگين پوشاڪ پهريندو هو. دستار گلابي، گيڙوءَ رتي ۽ سائي پهريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سمورو لباس گيڙوءَ رتو زيب -تن- ڪندو هو. مختصر رنگين زندگيءَ کان پوءِ اصلوڪي فقيراڻي طريقي ڏانهن رجوع ٿيو. سندس چار شاديون هيون. ٽي هالن مان ۽ هڪ پنهنجن عزيزن، قريشي صديقي پيرن مان، جيڪو خاندان نورپور تعلقي نوشهري فيروز ۾ -آباد- آهي. کيس پنهنجي خاندان جي حرم مان ٽي فرزند مخدوم محمد زمان، مخدوم ظهيرالدين ۽ ميان فتح محمد هئا. سلوڪ جي ميدان ۾ سهيل عرف سلي فقير مڱريي کان فيض ورتائين. امين سائينءَ جي مجاهدي ۽ رياضت جي سلسلي ۾ ”راهونڊ“ جي مقام کي وڏي اهميت حاصل آهي، جنهن سرزمين کي ”پکا“ به چوندا هئا، ڇوته پاڻ اتي پکا اڏي سڪونت اختيار ڪيائين. هيءَ زيارت گاهه هالن کان شهدادپور روڊ تي ميل ڏيڍ پنڌ تي آهي. -ان- ڪري کيس ”پکن وارا صاحب“، ”پکن وارا سائين“ ۽ ”پکن ڌڻي“ به سڏبو آهي. مخدوم صاحب -جن- 48، 49 سالن جي ڄمار ۾ 27 رمضان 1304هه/29 جون 1886ع ۾ وفات ڪئي.
مشهور صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ، سيد فاضل شاهه، سيد حيدر شاهه اجناڻي، ولي محمد لغاري ۽ ٻيا سندس همعصر ۽ صحبتي هئا. سندس متقدمين ۾ پير اشرف شاهه ڪاماري وارو، خليفو گل، قادر بخش بيدل، عثمان فقير سانگي، حمل فقير، قطب علي شاهه، -آسو- فقير، فقير خوش خيرمحمد ۽ علي گوهر شاهه ”اصغر“ هئا.
امين سائين پکن ڌڻي پنهنجي دور جو قادرالڪلام شاعر هو. سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪيائين. سندس ڪافيون الاهي عشق ۾ سرشار آهن. سندس ڪلام جو مجموعو ”ڪليات امين“ جي نالي سان پروفيسر محبوب علي چنا ترتيب ڏنو، جنهن ۾ سندس سوانح، همعصرن ۽ شاعريءَ تي طويل مقدمو شامل آهي. ”ڪليات امين“ جو پهريون ڇاپو 1966ع ۽ ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

امين محمد ثالث عرف پکن ڌڻي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن