داخلا ؛ 4047
پڙهيو ويو ؛ 583
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-06-29


تصويرون




ٽائيم لائين

1008.00.00-Hijree
حسين ۽ جميل ڪنيز انارڪليءَ تي مقدمو هلائي ، کيس موت جي سزا ڏئي ، ڀِت ۾ چڻايو ويو . سندس بيڏوهه موت 1008هه/1599ع ۾ ٿيو .

1599.00.00-A.D
حسين ۽ جميل ڪنيز انارڪليءَ تي مقدمو هلائي ، کيس موت جي سزا ڏئي ، ڀِت ۾ چڻايو ويو . سندس بيڏوهه موت 1008هه/1599ع ۾ ٿيو .




sindhianaسنڌيانا--انار ڪلي

ٽائيٽل ؛ انار ڪلي


شاخ : شخصيت

انار ڪلي: -انارڪلي- مغل دور جو هڪ تاريخي ڪردار آهي. هيءَ هڪ ايراني واپاريءَ جي ڌي هئي، جيڪو پنهنجي ڪٽنب سان گڏ جڏهن -ايران- مان هندستان پئي آيو ته واٽ تي ڌاڙيلن حملو ڪري کيس ماري وڌو ۽ سندس مال متاع، زال ۽ ڌيءُ نادره بيگم کي پاڻ سان کڻي ويا. ڌاڙيلن معصوم نادره کي ڪابل جي صوبيدار راجا مانسنگهه وٽ وڪڻي ڇڏيو. هن کيس -اڪبر بادشاهه- جي حرم ۾ ڪنيز ڪري ڏنو. جڏهن نادره جوان ٿي ته سندس حسن ۽ جمال ڏسي اڪبر کيس ’انارڪليءَ‘ جو نالو ڏنو. ڪتاب ”تحقيقات چشتيه“ ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”اڪبر -بادشاهه- جي انارڪليءَ سان تمام گھڻي محبت هئي، انهيءَ ڪري محل جون ٻيون ڪنيزون هن -تان- سڙنديون هيون ۽ جڏهن اڪبر حيدرآباد دکن جي جنگي مهم تي ويو، تڏهن حاسد ڪنيزن انارڪليءَ کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو.“ جڏهن ته ڪنهيا لال ”تاريخ لاهور“ ۾ هن طرح لکيو آهي ته: ”جڏهن اڪبر حيدرآباد دکن ۾ هو، تڏهن انارڪليءَ لاهور ۾ سخت بيماريءَ جي حالت ۾ وفات ڪئي.“ مٿين ٻنهي بيانن جي ابتڙ عام طور ائين مشهور آهي ته -اڪبر بادشاهه- انارڪليءَ کي هميشه پاڻ سان گڏ رکندو هو، پر سندس فرزند شهزادو سليم (جهانگير بادشاهه) ۽ انارڪليءَ هڪٻئي سان پيار ڪندا هئا. جڏهن اڪبر کي اها خبر پئي ته هن حڪم ڏنو ته انارڪليءَ کي قيد ڪيو وڃي ۽ انارڪليءَ کي قيد ڪيو ويو. شهزادو سليم انارڪليءَ کي قيد مان آزاد ڪرائي آگري ڏانهن ڀڄي نڪتو، پر شاهي فوج اڪبر جي حڪم تي ٻنهي کي گرفتار ڪري ورتو، سليم کي ڪجهه به نه چيو ويو پر حسين ۽ جميل ڪنيز انارڪليءَ تي مقدمو هلائي، کيس موت جي سزا ڏئي، ڀِت ۾ چڻايو ويو. سندس بيڏوهه موت 1008هه/1599ع ۾ ٿيو. هي واقعو شهزادي سليم کان ڳجهو رکيو ويو. اڪبر جي مرڻ بعد جڏهن شهزادو سليم، جهانگير جي لقب سان -تخت- نشين ٿيو، تڏهن کيس اصل واقعي کان آگاهي ملي ۽ کيس ڏاڍو ڏُک پهتو ۽ هن -ان- جاءِ تي، -جتي- انارڪليءَ کي ڀت ۾ چڻيو ويو هو، سندس ياد ۾ هڪ مقبرو تعمير ڪرايو، جيڪو ”مقبرءِ انارڪليءَ“ جي نالي سان مشهور آهي. هي مقبرو -اڪبر بادشاهه- جي وفات کان ڏهه سال پوءِ 1024هه/1615ع ۾ ٺهي راس ٿيو. مقبري ۾ انارڪليءَ جي قبر جي ڪتبي تي مجنون سليم اڪبر جي نالي سان هي شعر لکيل آهي:
تا قيامت شڪر گويم کردگار خويش را
آهه گرمن -باز- بينم روي يار خويش را
(مجنون سليم اڪبر)
]آئون قيامت تائين پنهنجي پروردگار جو شڪار گذار رهندس، جيڪڏهن هو مون کي منهنجي يار جي صورت جو هڪ دفعو ٻيهر ديدار ڪرائي[.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -انار ڪلي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

انار ڪلي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن