انجبار

انجبار: هڪ قسم جو پسارڪو وکر. هڪ قسم جو ننڍي قد جو وڻ، جيڪو ’شام‘ ملڪ ۾ ٿئي. ان جون پاڙون دوا طور ڪم اينديون آهن.حڪيمن موجب جيڪڏهن جسم جي ڪنهن به حصي مان رت وهندو هجي ۽ بند نه ٿئي ته ان لاءِ انجبار جو شربت (شربت انجبار) مفيد علاج آهي.انجبار ٿڌو تاثير رکندڙ وکر آهي.


لفظ انجبارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو