داخلا نمبر 4058
عنوان انجنيئر عبدالوهاب سهتو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 875 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
انجنيئر عبدالوهاب سهتو

انجنيئر عبدالوهاب سهتو

انجنيئر عبدالوهاب سهتو

انجنيئر عبدالوهاب سهتو: انجنيئر طور مشهور ليکڪ عبدالوهاب سهتي ڳوٺ ڄام نور الله، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. پيشي جي لحاظ کان پبلڪ هيلٿ کاتي ۾ انجنيئر آهي. سٺو ڪهاڻيڪار ۽ محقق آهي. سنڌي پهاڪن ۽ چوڻين تي به ڪافي تحقيق ڪئي اٿس، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) هراس (ڪهاڻيون)، (2) بت ئي چوي ڪافر (ڪهاڻيون)، (3) هٿ جي وڍي (ڪهاڻيون)، (4) ننڍڙي روپ واريون چوڻيون ۽ پهاڪا (2000ع)، (5) ورجيسون: پس منظر ۽ ڪارج (2003ع)، (6) موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون (2004ع)، (7) اترادي پهاڪا ۽ چوڻيون (2006ع)، (8) روايت ۽ بغاوت جو شاعر عبدالڪريم گدائي (ڪينجهر خاص نمبر: 2005ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو