اندر تون اجار

اندر تون اجار (ڪتاب ):اسلامي دنيا جي وڏي عالم، حڪيم ۽ فلسفيءَ امام غزاليءَ جي ڪتاب ”الاسلام“ جو خلاصو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران نور احمد ميمڻ، ”اندر تون اُجار“ نالي سان، پاڪيٽ سائيز جي 151 صفحن تي مشتمل، آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچيءَ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. خوبصورت ٽائيٽل ۽ لي آئوٽ سان ڇپيل هن ڪتاب ۾ امام غزالي رحه، بهتر انسان ۽ صحيح مسلمان بنجڻ لاءِ بنيادي انساني اخلاقن جي اپٽار ڪئي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته جيڪي عادتون ماڻهوءَ کي خواريءَ ڏانهن ڌڪين ٿيون، تن کان پاڻ بچائڻ کانسواءِ ماڻهوءَ جو مان مريادا، عزت ۽ منصب ٽڪي جي حيثيت رکن ٿا. موجوده دور جي زوال پذير اخلاقي قدرن کي سگهارو بنائڻ لاءِ هن ڪتاب ۾ لاڀائتو مواد موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو