اندرا واسواڻي

اندرا واسواڻي: اندرا واسواڻي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اهم نالو آهي. هن 21 آگسٽ 1936ع تي ميرپور خاص، سنڌ ۾ جنم ورتو. ايم. اي. ايس، ٽي. سي ۽ بي. ايڊ تائين تعليم حاصل ڪيائين. جي. ايس آدرش ڪنيا مها وديالا گانڌيڌام (ڪڇ) جي پرنسپال رهي رٽائرڊ ٿي. هن پهرين ڪهاڻي ”کيٽو“ عنوان سان 1958ع ۾ لکي. هن ڪهاڻين لکڻ سان گڏ شاعري ڪئي ۽ مضمون به لکيا آهن. سندس مختصر ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”نالو“ آهي، جڏهن ته سندس ڪهاڻين جا ٻه ٻيا مجموعا ”منجري، سنڌي ٽائيمس“ پبليڪيشن الهاس نگر پاران اپريل 1996ع ۾ ۽ ”ٿر“، ڪونج پبليڪيشن ممبئيءَ پاران جنوري 2002ع ۾ ڇپجي مقبوليت ماڻي چڪا آهن.پاڻ مشهور ليکڪ هريش واسواڻي جي زال هئي. اندرا واسواڻي 7 آڪٽوبر 2012ع تي وفات ڪئي.


لفظ اندرا واسواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.08.21  عيسوي

اندرا واسواڻي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اهم نالو آهي. هن 21 آگسٽ 1936ع تي ميرپور خاص، سنڌ ۾ جنم ورتو.


2012.10.17  عيسوي

اندرا واسواڻي 17 آڪٽوبر 2012 تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گرڌاري لال ڏوڏيجا
راج ڏاسواڻي
چغتائي عصمت
ظفر حسن
موهن لعل شرما ڊاڪٽر
انتظار حسين ڇلڳري
عثمان علي انصاري
زيب ڀٽي
ظفر عباسي ڊاڪٽر
قدير شيخ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون