داخلا ؛ 2505
پڙهيو ويو ؛ 862
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-12


تصويرون


Indira-Gandhi.jpg
اندرا گانڌي
اندرا گانڌي



ٽائيم لائين

1917.11.19-A.D
اندرا گانڌي ، 19- نومبر 1917ع ، الهه آباد ( ڀارت ) ۾ پيدا ٿي

1984.10.31-A.D
اندرا گانڌي کي 31 آڪٽوبر 1984ع تي شهيد ڪيو ويو




sindhianaسنڌيانا--اندرا گانڌي

ٽائيٽل ؛ اندرا گانڌي


شاخ : سياستدان

اندرا گانڌي: ڀارت جي پهرين عورت وزيراعظم، نامياري سياستدان ۽ ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم جواهر لعل نهروءَ جي اڪيلي ڌيءَ، اندرا گانڌي، 19- نومبر 1917ع، -الهه آباد- (ڀارت) ۾ پيدا ٿي. ڀارت، -برطانيا- ۽ سوئٽزرلئنڊ ۾ -تعليم- حاصل ڪيائين. -ان- وچ ۾ ڪجهه عرصو -بنگال- جي عظيم شاعر رابندرناٿ -ٽئگور- جي تعليمي اداري ”شانتي نڪيتن“ ۾ پڻ -تعليم- حاصل ڪيائين. -تعليم- جي حصول کان پوءِ عملي سياست ۾ حصو ورتائين؛ 21 سالن جي عمر ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي رڪنيت اختيار ڪيائين. 1942ع ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جي هڪ سرگرم رڪن ۽ -پارسي- نوجوان فيروز گانڌيءَ سان شادي ڪيائين. 1947ع ۾ ڪانگريس جي عورتاڻي شاخ جي صدر منتخب ٿي. پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ آزاد هندستان ۾ لال -بهادر- شاستريءَ جي ڪابينا ۾ اطلاعات واري وزارت ۾ پڻ رهي. 1966ع ۾ ڀارت جي پهرين وزيراعظم چونڊجي آئي. 1967ع ۽ 1971ع ۾ پڻ چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيائين. 1977ع تائين بدستور وزيراعظم جي عهدي تي فائز رهي. 1972ع ۾ هن ئي، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي سان ”شمله ٺاهه“ ڪيو. 1971ع ۾ سندس جماعت چونڊن ۾، جنتا پارٽيءَ کان شڪست کاڌي، اهڙيءَ طرح هن 22 مارچ 1977ع تي وزارت عظميٰ جي عهدي کان علحدگي اختيار ڪئي. -ان- کان پوءِ مٿس بدعنوانين جا ڪيترا الزام لڳا ۽ هوءَ گرفتار پڻ ٿي، پر مٿس الزام ثابت نه ٿي سگهيا. سندس گرفتاريءَ، کيس هڪ دفعو ٻيهر مقبول ڪري ڇڏيو ۽ هوءَ 1980ع جي وچ ڌاري ٻيهر اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي؛ ۽ وزيراعظم بڻجي ويئي. 1983ع ۾ کيس سکن جي -بغاوت- کي منهن ڏيڻو پيو ۽ 1984ع ۾ هن سکن جي مشهور ڌرمي عبادتگاهه گولڊن ٽيمپل ۾ موجود دهشتگردن خلاف فوجي ڪاروائي ڪرائي، جنهن تي سک مشتعل ٿيا ۽ برصغير جي هن عظيم عورت ۽ باوقار سياستدان کي 31 -آڪٽوبر- 1984ع تي شهيد ڪيو ويو. سندس ٻه پٽ راجيو گانڌي ۽ سنجي گانڌي هئا. سنجي گانڌي هڪ فضائي حادثي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته راجيو گانڌيءَ کي 1991ع جي چونڊ مهم دوران، 21 مئي تي قتل ڪيو ويو. اندرا برصغير جي سياست ۾ وڏو مقام رکي ٿي. راجيو گانڌيءَ جي گهر واري سونيا گانڌي سندس ننهن آهي، جيڪا هن وقت سندس -پارٽي- انڊين نئشنل ڪانگريس جي صدر آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -اندرا گانڌي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اندرا گانڌي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن