انساني زندگيءَ جو مقصد

انساني زندگيءَ جو مقصد (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب سنڌي زبان ۾ پهريون ’انسان نامو‘ آهي، جنهن ۾ حاجي غلام حيدر جروار علمي بحث ڪيو آهي ۽ منجهس عقل انسانيءَ جا اهم نُڪتا شامل ڪيا اٿس. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي چواڻي ”غلام حيدر جروار جي هيءَ تصنيف خليل جبران يا بيڪن جي دانش جو ڪم ڏيندي، توڙي جو اُهي ٻئي پنهنجي پنهنجي طبقي جا وفادار هئا، پر پوءِ به اُهي انسان جا طرفدار هئا، جڏهن ته غلام حيدر جروار جو طبقو ئي ’انسان‘ آهي“.
نيوز پرنٽ جي 151 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب، سنڌ فرينڊس سرڪل، حيدرآباد پاران جنوري 2000ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن جي قيمت 80 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو