انساني ڀلاين جو ديني شعور

انساني ڀلاين جو ديني شعور (ڪتاب ): هيءُ ڪتاب علامه علي خان ابڙي جو لکيل آهي، جنهن ۾ اسلام ۽ علم دين جي ضرورت، اسلام جي صداقت، توحيد ۽ مساوات، دين جي اعليٰ مقصد، اسلام جي يگاني خصوصيت، اسلام جي مکيه اصولن،ا خلاقي تعليمات جي وسعت، قرآن پاڪ جي نزول، محبت جي اسلامي فلسفي ۽ ٻين سماجي مسئلن تي مضمون شامل آهن. ستر اسي سال اڳ سنڌ جي ٻهراڙين مان اُسرندڙ شعور کي جنهن تعليم، حڪمن ۽ شعور جي ضرورت هئي، علامه علي خان ابڙي هن ڪتاب ۾ ان جي زوردار دستڪ ڏني آهي. هنن مضمونن جي افاديت اڄ به ساڳي آهي.
هن ڊيمي سائيز جي 130 صفحن تي مشتمل ڪتاب جو موجوده ڇاپو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ 1997ع ۾ ڇپايو آهي ۽ خوبصورت ٽائيٽل واري هن ڪتاب جي قيمت 30 رپيا آهي. هيءُ ڪتاب، آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچيءَ ڇپيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو