انصار

اَنصار: انصار جو مطلب آهي اهي ماڻهو ، جيڪي مديني ۾ رهندڙ هئا ، جن نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم جي هجرت ڪري اچڻ وقت مسلمان مهاجرن جي مدد ڪئي ، ڇوته اهي اُن وقت هٿين خالي ۽ احتياجي حالت ۾ هئا . انصارن انهن کي خوشيءَ سان پنهنجي ڪاروبار ۾ شريڪ ڪيو . ان کان علاوه انهن نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم سان گڏجي غزوات ۾ به حصو ورتو . قرآن شريف جي سورة ” انفال “ ۽ سورة ” توبه “ ۾ انصار جو ذڪر آيو آهي . الله تعاليٰ انهن جي باري ۾ پنهنجي خوشنوديءَ جو اظهار ڪيو آهي .


لفظ انصارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو