انقره

انقره (Ankara ):انقره ترڪيءَ جو مشهور شهر آهي، جنهن کي يورپ جي دروازي جي حيثيت حاصل آهي. انقره ٻن حصن جديد ۽ قديم ۾ تقسيم ٿيل آهي. قديم شهر جبل جي چوٽيءَ تي ٻڌل آهي. هن ۾ اڄ تائين قديم عمارتون موجود آهن، جن ۾ آگسٽس جو مقبرو، رومي عمارتون، حمام ۽ ديوان خانا، باز نطيني ٿنڀ، مساجد ارسلان، بيرام وغيره موجود آهن. انهن جي عمارتن جي ويجهو انقره جو قومي عجائب گهر آهي، جنهن جي ڀر ۾ مسجد علاؤالدين آهي. جديد شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏسڻ جهڙي شيءِ اتاترڪ جو مجسمو آهي، جبل جي اولهه ۾ ئي اتاترڪ جي مزار آهي، جيڪا 1935ع ۾ ٺهي راس ٿي. هي مزار شهر جي هر حصي کان نظر اچي ٿي. جديد شهر ۾ ماڻهن جي تمام گهڻي وسندي آهي. انقره جو شهر قبل از تاريخي شهر آهي. 1931ع ۾ هتي حجري دور جا آثار مليا آهن ۽ ٻين به آثارن جو پتو پيو آهي، انهن آثارن مان خبر پوي ٿي ته هن جو نالو ان وقت ’انڪله‘ هو. تقريباً اٺين صدي ق. م هتي آفريڪي قوم آباد هئي. 334 ق. م ۾ سڪندر اعظم جڏهن پنهنجي مهم لاءِ نڪتو تڏهن هن علائقي مان پڻ گذريو. ان جي وفات کان پوءِ هتي سلوڪين جو قبضو رهيو. 334ع کان 1073ع تائين تقريباً ست سئو سال انقره مشرقي رومي سلطنت سان وابسته رهيو .


لفظ انقرهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو