انور الدين شيخ

انور الدين شيخ

انور الدين شيخ

انور الدين شيخ: سنڌ جي مشهور تعليمي ماهرن ۾ مرحوم انورالدين شيخ جون خدمتون به ساراهه جوڳيون آهن. بهترين استاد، بااصول منتظم ۽ سماجي خدمتن سبب مشهور انورالدين شيخ 16 نومبر 1931ع تي پني عاقل جي معروف سماجي شخصيت امير بخش شيخ جي گھر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول پني عاقل، سيڪنڊري تعليم سکر جي ڊي. سي هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر ۽ بي.اي جي تعليم شڪارپور جي مشهور سي.اينڊ.ايس ڪاليج مان حاصل ڪيائين. جڏهن ته 1958ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان ايم. اي ڪيائين، جتي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي رهنمائي ۾ ساڍا ٽي سؤ صفحن تي مشتمل هڪ ڪتاب جو ترجمو ”وهم“ جي عنوان سان ڪيائين، جيڪو سنڌالاجيءَ ۾ موجود آهي. 1970ع ڌاري سندس لکيل ڪتاب ”جديد سنڌي مضمون“ ڇپيو ۽ هڪ رياضيءَ جو ترتيب ڏنل ڪتاب پڻ شايع ٿيس. شڪارپور ۾ پڙهڻ دؤران هو مرحوم لطف الله بدويءَ کي پنهنجو آئيڊيل استاد چوندو هو. انورالدين شيخ پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز به استاد جي حيثيت سان ڪيو. 1960ع ۾ هيڊ ماستر طور ذميواريون سنڀاليائين. چڪ، مدئجي، ڳڙهي ياسين، ڀيلار ۽ پني عاقل ۾ هيڊ ماستري دوران پنهنجي اسڪولن ۽ تعليمي نظام جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو. بعد ۾ سرڪار طرفان کيس ان وقت قائم ڪيل تعليمي بورڊ سکر جو ڪنٽرولر مقرر ڪيو ويو. هو نهايت ايماندار ۽ سخت عملدار طور مشهور هو، ان بعد ڊائريڪٽوريٽ آف اسڪولس ايجوڪيشن حيدرآباد ۾ اسٽيٽيڪل آفيسر مقرر ٿيو. 1986ع ۾ هو رٽائر ٿيو. سن 1985ع ڌاري هن پنهنجي شهر ۾ تعليمي معيار جي سڌاري لاءِ ڪجهه دوستن مرحوم عبدالڪريم شيخ، محمد نواز ڀٽي، محمد پنجل مهيسر ۽ ٻين سان گڏجي ”مهراڻ ايڊيوڪيشنل سوسائيٽي جو بنياد وڌائين. جنهن جو پاڻ سيڪريٽري هو. ان پليٽ فارم تان ”مهراڻ ماڊل اسڪول“ جو قيام عمل ۾ آيو، ان اسڪول کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف ماڻهن ۽ ادارن سان ملي سهڪار لاءِ محنت ڪئي. ان وقت هڪ هزار روپئي سان شروع ڪيل ان اسڪول، مرحوم انورالدين شيخ جي محنتن سان ترقي ڪئي، مهراڻ اسڪول اڄ به پني عاقل جي شهرت جو باعث آهي، جتي هزارين شاگرد تعليم پرائي چڪا آهن، جن مان ڪيترائي وڏا آفيسر، سياسي ۽ سماجي شخصيتون شامل آهن. هن وقت به ڪي.جي کان ڪاليج سطح جا پنج هزار کان وڌيڪ شاگرد هتي جديد سائنسي تعليم پرائي رهيا آهن. هتي سکر ضلعي کان علاوه شڪارپور، گھوٽڪي، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي جا شاگرد به پڙهڻ اچن ٿا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي حڪومتن ۾ ٻه ڀيرا هن تعليمي اداري جو دورو ڪيو ۽ 50 لک رپيا سهڪار طور ڏنا. هن اداري ۾ نياڻين لاءِ الڳ ڪلاس ۽ عورت ليڪچرر مقرر ڪيل آهن، 150 کان وڌيڪ قابل استاد هتي خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن. انورالدين شيخ ان سوسائٽي طرفان پني عاقل ۾ ميٽرنٽي هوم ۽ نرسنگ اسڪول به قائم ڪيو. اتر سنڌ ۾ اهڙي قسم جو سستو ۽ معياري تعليمي ادارو قائم ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ علم جو شعور بيدار ڪندڙ انورالدين شيخ ڪڏهن به اصولن سان سودي بازي ڪونه ڪئي. وقت ۽ نماز جو پابند رهيو، سادي زندگي گذاريائين، کيس پنج فرزند ۽ چار نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان پروفيسر شمس الدين شيخ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي زولاجي شعبي جو چيئرمين، جڏهن ته ظهيرالدين شيخ بئنڪاريءَ سان وابسته آهي. انورالدين شيخ 29 آڪٽوبر 2005ع تي رمضان جي مهيني ۾ وفات ڪري ويو، کيس پني عاقل جي ”مائي جندو قبرستان“ ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

16.11.1931  عيسوي

انورالدين شيخ 16 نومبر 1931ع تي پني عاقل جي معروف سماجي شخصيت امير بخش شيخ جي گھر ۾ جنم ورتو .


29.10.2005  عيسوي

انورالدين شيخ 29 آڪٽوبر 2005ع تي رمضان جي مهيني ۾ وفات ڪري ويو ، کيس پني عاقل جي ” مائي جندو قبرستان “ ۾ دفن ڪيو ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دارا شاهه 1
جمن دربدر
رستم ۽ سهراب1
زرداري مٺا خان
تماچي
فيروز احمد ميمڻ
ڀڳت ٽهليارام
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
سمو غلام مصطفيٰ مشتاق
بلاول بيلجم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون