داخلا نمبر 3990
عنوان انور حسين صديقي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 398 ڀيرا
داخلا جو حوالو

انور حسين صديقي

انور حسين صديقي: ڊاڪٽر انور حسين صديقي 10 فيبروري 1938ع ۾ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. هن 1961ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ 1966ع ۾ آمريڪا جي سائودرن ڪيليفورنيا مان پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪيائين. 1961ع ۾ هن ڪراچي جي پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي نيشنل انسٽيٽيوٽ ۾ بطور ريسرچ ايسوسيئيٽ جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ اتي ئي هو 74-1973 ۾ ان اداري جو ڊائريڪٽر ٿي ويو. 1975ع ۾ لاهور جي پاڪستان ايڊمنسٽريٽو اسٽاف ڪاليج ۾ ڊائريڪٽر ريسرچ ۽ اسٽڊيز جي حيثيت سان شامل ٿيو. جتي هو ترقيءَ جي مختلف تربيتي پروگرامن ۾ شامل ٿي ويو. ڊاڪٽر انور حسين 1982ع ۾ نائجيريا جي احمدو بيلو يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ايڊمنسٽريشن جو چيف صلاحڪار/ پروفيسر طور به پڻ ڪم ڪيو ۽ انسٽيٽيوٽ جي انيڪ پروگرامن، قانون، لوڪل گورنمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن، پبلڪ ايڊمنسٽريشن جي ميدان ۾ ترقي ڏياري. 1986ع ۾ هي اسلامڪ لا اڪيڊمي، انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ ڊائريڪٽر جنرل مقرر ٿيو، جتي هن 1992ع تائين رهيو. 1992ع کان 1995ع تائين ڊاڪٽر انور حسين فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي ۽ قانون واري وزارت اسلام آباد جو ڊائريڪٽر جنرل رهيو. ڊيپوٽيشن وارو اهو عرصو پورو ڪرڻ کان پوءِ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ۾ بطور وائيس پريزيڊنٽ ۽ انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ ايڪنامڪس جي ڊائريڪٽر جنرل جي حيثيت سان واپس موٽي آيو، جتي هن 1997ع جنوري تائين ڪم ڪيو. 1997ع فيبروري ۾ هي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻيو، ڊاڪٽر انور حسين صديقي ٻن ڪتابن جو مصنف به آهي ۽ هن جا 33 کان وڌيڪ مضمون قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڇپجي چڪا آهن. ڊاڪٽر انور حسين ڪيترن ئي تربيتي پروگرامن ۾ حصو ورتو توڙي قومي ۽ بين الاقوامي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي. هي ڪيترن ئي قومي ۽ بين الاقوامي تنظيمن ۽ پروفيشن باڊيز جو ميمبر پڻ رهيو آهي. ڊاڪٽر انور حسين پبلڪ ايڊمنسٽريشن، اقتصاديات ۽ مئنيجمينٽ جي شعبن جو ماهر سمجهيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

10.02.1938  عيسوي

ڊاڪٽر انور حسين صديقي 10 فيبروري 1938ع ۾ حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون