داخلا نمبر 3007
عنوان انور علي سرهيو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 508 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
انور سرهيو

انور سرهيو

انور علي سرهيو

انور علي سرهيو: ليکڪ ۽ استاد انور علي سرهيو ولد محمد اسماعيل سرهيو دادو شهر ۾ 10 نومبر 1945ع تي ڄائو. 1962ع ۾ گورنمينٽ پائلٽ اسڪول دادوءَ مان ميٽرڪ ۽ 1966ع ۾ ڊگري ڪاليج دادو مان بي. اي ڪيائين، بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم. اي (اقتصاديات) ڪيائين. ان دوران ’شارٽ هينڊ ٽائيپ‘ ۾ ڊپلوما پڻ ڪيائين ۽ 1970ع ۾ گورنمينٽ ڪمرشل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ دادوءَ ۾ انسٽرڪٽر طور عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. جتي اڳتي هلي ساڳي اداري جو پرنسپال بڻيو، ان وچ ۾ 1986ع کان 1998ع ۾ گورنمينٽ ڪمرشل انسٽيٽيوٽ سيوهڻ جو انچارج رهيو ۽ آخر ۾ دادو واري ٽريننگ انسٽيٽيوٽ مان رٽائر ڪيائين.
انور علي سرهيي پهريون ڀيرو 1981ع ۾ ٽائيپ رائيٽنگ جو تدريسي ڪتاب تيار ڪيو، جيڪو سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايڊيوڪيشن ڪراچيءَ طرفان ڇاپيو ويو. 2002ع ۾ سنڌ حڪومت طرفان گورنمينٽ ڪمرشل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ دادو جي ڪارڪردگي تي کيس گورنر سنڌ طرفان انعام ۽ سندس ٻن شاگردن کي گولڊ ميڊل پڻ مليا. ان امتحان ۾ سندس ٽريننگ انسٽيٽيوٽ پهريون نمبر ماڻيو. 2003ع ۾ هو اي. ڊي. او لٽريسي ۽ تعليم بالغان جي عهدي تي پڻ رهيو. پاڻ سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايڊيوڪيشن جي گورننگ باڊي جو ٻه سال ميمبر رهيو. 1975ع کان وٺي ”سگا“ دادو شاخ جو ميمبر هئڻ سان گڏ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر پڻ آهي. هن وقت سندس رهائش دادو شهر ۾ آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.11.10  عيسوي

انور علي سرهيو: ليکڪ ۽ استاد انور علي سرهيو ولد محمد اسماعيل سرهيو دادو شهر ۾ 10 نومبر 1945ع تي ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون