داخلا ؛ 2906
پڙهيو ويو ؛ 1942
پسند ڪيو ويو ؛ 43
تاريخ ؛ 2012-03-15


تصويرون


Anwar-pirzado.jpg
انور پيرزادو
انور پيرزادو



ٽائيم لائين

1945.01.25-A.D
انور پيرزادو: سنڌي ادب ۽ صحافت جو ناميارو نالو آهي . سندس اصل نالو محمد پريل هو ، پر ادبي دنيا ۾ ” انور پيرزادي “ جي نالي سان مشهور ٿيو ، 25 جنوري 1945ع تي ڳوٺ ٻَلهڙيجي ، تعلقي ڏوڪري ۾ جنم ورتائين

2007.01.07-A.D
انور پيرزادي 7 جنوري 2007ع تي ڪينسر جي بيماريءَ وگهي وفات ڪيائين




sindhianaسنڌيانا--انور پيرزادو

ٽائيٽل ؛ انور پيرزادو


شاخ : شخصيت

انور پيرزادو: سنڌي ادب ۽ صحافت جو ناميارو نالو آهي. سندس اصل نالو محمد پريل هو، پر ادبي دنيا ۾ ”انور پيرزادي“ جي نالي سان مشهور ٿيو، 25 -جنوري- 1945ع تي ڳوٺ ٻَلهڙيجي، تعلقي ڏوڪريءَ ۾ -جنم- ورتائين. سندس والد شفيع محمد صوفي درويش هو، جيڪو پيٽ پالڻ لاءِ آخري عمر ۾ مسجد جو پيش -امام- بڻيو. -انور- پنهنجي والد سان گڏ نه صرف پنج وقت نماز پڙهندو هو، پر مسجد جو ٻانگو به هو. سياري جي مند ۾ نمازين لاءِ وضوءَ وارو -پاڻي- گرم ڪرڻ لاءِ والد سان گڏجي صبح سويرو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري ايندو هو. ڳوٺ ٻلهڙيجي، سنڌو درياهه ۽ موهن جي دڙي جي ڀرَ ۾ آهي.
ننڍپڻ ۾ شيخ -اياز- جو ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ پڙهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان ملڻ لاءِ ويو ۽ پوءِ لاڳيتو وٽس ويندو رهندو هو.
هن 1955ع تائين پرائمري -تعليم- پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي، پوءِ اٽڪل ڇهه ڪلو ميٽر پنڌ يا -سائيڪل- تي وڃي ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو. 1962ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. -انور- 1963ع کان 1968ع تائين، موجوده ڏوڪري تعلقي ۾، موهن جي دڙي اسڪول، -ٽڳڙ- -باغبان- (کچي کيڙا اسڪول)، حاجي مشوري اسڪول ۽ شيرمحمد جوڻيجي اسڪول ۾ پرائمري ٽيچر ٿي رهيو. انور، -ٽڳڙ- -باغبان- ۾ ٽيچر هجڻ دوران، ڳوٺ جي وڏيري سيد خادم حسين شاهه جي -اوطاق- ۾ رهندو هو. اُن وڏيرڪي ماحول جي مشاهدي جو اظهار اڳتي هلي هن هفتيوار ’برسات‘ ۾ ”وڏيري جي -اوطاق- مان“ عنوان سان لکيل ڪالمن ۾ ڪيو آهي.
انور 1969ع ۾ -انگريزي- ادب ۾ ايم. اي ڪئي. ايم اي پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگلش ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1970ع ۾ -پاڪستان- ايئرفورس ۾ پائلٽ آفيسر جي ٽريننگ لاءِ چونڊيو ويو، ڇهن مهينن جي ٽريننگ ڪري ڊيوٽيءَ تي چڙهڻ وارو هو ته مٿس ”فيلڊ ڪورٽ مارشل“ ۾ -بغاوت- جو ڪيس هلايو ويو ۽ کيس ست سال سخت پورهئي سان سزا ڏيئي -پشاور- سينٽرل جيل ۾ موڪليو ويو. -انور- جو ڏوهه اهو هو ته هن -بنگلاديش- خلاف آپريشن جي مخالفت ڪئي هئي ۽ شيخ مجيب الرحمان کي ”20 صديءَ جو عظيم جنگجو“ قرار ڏنو هو.
فيلڊ ڪورٽ مارشل دوران ونگ ڪمانڊر ۽ ايئر وائيس مارشل يوسف خان کيس آزاد ڪرڻ جي سفارش ڪئي. اهڙيءَ طرح ستن مهينن جي قيد کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. -انور- لاءِ سرڪاري نوڪريءَ جا دروازا -بند- ٿي چڪا هئا، تنهنڪري امرجليل جي سفارش سان کيس هلال -پاڪستان- -اخبار- ۾ سب -ايڊيٽر- مقرر ڪيو ويو. 1975ع ۾ هلال -پاڪستان- ڇڏي روسي سفارتخاني ۾ -انگريزي- ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ بليٽن جو -ايڊيٽر- مقرر ٿيو. 1980ع ۾ روسي سفارتخاني -بند- ٿيڻ سبب، -ان- سال ئي ”ڊان“ -اخبار- جو لاڙڪاڻي جو عيوضي ۽ ”دي اسٽار“ سکر جو بيورو چيف ٿيو. ايم. آر. ڊي هلچل دوران هڪڙي خبر هلائڻ جي ڏوهه ۾ 6 مهينا سزا ڀوڳيائين. -ان- کان پوءِ جدا جدا اخبارن ”دي اسٽار“، ”عوامي آواز“، ”جاڳو“، ”سنڌ سجاڳ“، ”برسات“، ”سنڌ ٽربيون“ ۽ روزاني ”سچ“ سان لاڳاپيل رهيو. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سيڪريٽري ۽ سرگرم ڪارڪنن به رهيو.
انور پيرزادو، ڪهاڻيڪار به هو. هوچي من جي شاعريءَ کان متاثر ٿي شاعري به ڪيائين. هن ڪيترن ڪتابن جا سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ترجما ڪيا، -جن- ۾ ”تاريخ مون کي بي ڏوهي قرار ڏيندي“ (فيڊرل ڪاسٽرو جي تاريخي تقرير) ۽ ”شاهه جي رسالي جو سماجي مقصد“ اهم آهن. هيل تائين سندس ڇپيل ڪتاب هي آهن، ”اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان“، ”متان وساريو“(2007ع)، ”سنڌ“(ڊسمبر2008) ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران سندس ڪتاب ”Sindhi Language and Literature- A brief account“ پڻ ڇپجي چڪو آهي. پاڻ 7 -جنوري- 2007ع تي ڪينسر جي بيماريءَ وگهي وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاهه ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ ئي آهي. -انور- پيرزادي ستر واري ڏهاڪي جي شروع ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1973ع کان سنڌي ادبي سنگت کي ٻيهر سرگرم ڪرڻ ۾ سندس حصو رهيو. هو مُهم جُو صحافي رهيو آهي. هن نومبر 1989ع ۾ رٻڙ جي ٻيڙين تي جهانگيره کان پورٽ قاسم تائين سنڌوءَ جو سفر ڪيو. کيرٿر ۾ ڪتي جي قبر تائين پنڌ ڪيائين ۽ گورک چوٽيءَ تي انهن ڏينهن ۾ پهتو جڏهن روڊ رستا ڪو نه ٺهيا هئا. -ٿر- ۽ سنڌو ڊيلٽا جا به تفصيلي پنڌ ڪيائين. ادبي دنيا ۾ هُو -تاج- بلوچ، -بدر- ابڙي، فقير محمد لاشاري، عبدالرحمان نقاش، هدايت منگي، ڪيهر شوڪت، ستار پيرزادي ۽ مير محمد پيرزادي کي گهڻو ويجهو رهيو. هن جي تحريرن جو پسنديده موضوع، سنڌ، شاهه لطيف، موهن جو دڙو ۽ -ٿر- هئا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -انور پيرزادو- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

انور پيرزادو - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن