انور ڏنگڙائي

انور ڏنگڙائي

انور ڏنگڙائي

انور ڏنگڙائي: شاعر، اديب، محقق ۽ لطيف جي پارکو انور ڏنگڙائي جو اصل نالو انور علي ابڙو آهي. هو 25 ڊسمبر 1964ع تي ڳوٺ ڏنگڙو لڳ موهن جو دڙو (ڏوڪري) ۾ پيدا ٿيو. 1994ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪئي. 1992ع کان 1995ع تائين واپڊا ۾ ملازمت ڪئي. 1984ع کان سنڌي ادبي سنگت سان لاڳاپيل آهي. ڪيترائي ڀيرا بگي شاخ جو سيڪريٽري ۽ هڪ ڀيرو ڏوڪري شاخ جو سيڪريٽري رهي چڪو آهي. شاهه لطيف بابت سندس مقالا ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”ڏوٿي انهيءَ ڏيھه جا“ (ٿر جو سفرنامو 1994ع)، ڳچيءَ ڳانا لوهه جا“ 1999ع (ترتيب: ڪامريڊ مانڌل شر جي زندگي بابت)، ”اسان جو ڪنور“ (2002ع ۾ ترتيب)، ”ڀٽائي ڊڪشنري“ (2014ع)، ”اُلا عشق جا“ (شاعري: 2018ع)، ”مُھين جو ماڻھو“ (سوانح: سوڀو گيانچنداڻي 2006ع) ۽ شاهه جو رسالو (موضوع وار 2023ع) شامل آهن. ان کانسواءِ هن ڪجهه ڊراما به لکيا آهن، جن ۾: ”لالئون لال“ (13 قسطون)، ”وڳنڌ“ (هڪ قسط)، ”هڪ بيت هڪ ڪھاڻي“ (هڪ قسط)، ”تضاد“ (هڪ قسط) ڪي ٽي اين تان نشر ٿي چڪا آهن.


لفظ انور ڏنگڙائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.12.25  عيسوي

انور ڏنگڙائي جو اصل نالو انور علي ابڙو آهي. هو 25 ڊسمبر 1964ع تي ڳوٺ ڏنگڙو لڳ موهن جو دڙو ۾ پيد اٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سومر فقير هنڱورو
دودو
شير محمد راهوجو
خواجه محب علي
بلوچ ناصر
اسماعيل فقير ڏيرو
پرويز غلام احمد
ضياء الدين برني 1
الطاف پيرزادو
دائود بن يزيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون